ليڊي هيلٿ ورڪر ۽ حڪومت جي بي حسي

تحرير: ارباب رستماڻي

پورهيت طبقي جا ڏک هن سماج ۾ سدائين کان موجود رهيا آهن، پر ليڊي هيلٿ ورڪر جي زندگيءَ جون تڪليفون انهن سڀني کان الڳ، وڌيڪ گهريون ۽ وڌيڪ اذيت ناڪ آهن. هيءَ عورت رڳو مزدور ناهي، هوءَ عورت به آهي ۽ اهڙي سماج ۾ عورت هجڻ پاڻ ۾ هڪ سزا بڻيل آهي. رجعت پرستي، مرداڻي بالادستي، مذهبي شدت پسندي ۽ افسر شاهي جا خوف گڏجي هن جي زندگيءَ کي مسلسل عدم تحفظ ۾ وجهي ڇڏين ٿا. رياست جيڪا بنيادي صحت جي ذميواري کڻي ٿي، سا ئي رياست هن عورت کي سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ڪري ٿي.

1994ع  ۾ جڏهن ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام شروع ڪيو ويو ته اهو هڪ انقلابي قدم سمجهيو ويو. خيال اهو هو ته ڳوٺن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ عورتن وسيلي ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي بهتر بڻايو وڃي. پر وقت سان گڏ هي پروگرام عورتن کي بااختيار بڻائڻ بدران سندن استحصال جو ڍانچو بڻجي ويو. کين مستقل ملازمت جو درجو نه ڏنو ويو، کين “رضاڪاراڻيون” سڏيو ويو، ۽ سالن جا سال ڪم وٺڻ باوجود سندن قانوني حيثيت معلق رکي وئي. سپريم ڪورٽ جا فيصلا به ڪاغذن تائين محدود رهيا، جڏهن ته زميني حقيقت ساڳي جي ساڳي رهي.

ليڊي هيلٿ ورڪر کي ملندڙ اجرت انساني وقار جي سڌي توهين آهي. مهانگائي جي هن دور ۾ جيڪا پگهار ملي ٿي، اها نه ته گذر سفر لاءِ ڪافي آهي ۽ نه ئي عزت سان جيئڻ لاءِ. ٽن مهينن ۾ صرف چار تاريخون ملڻ هڪ منظم معاشي ظلم آهي. اهڙي نظام ۾ عورت کي غربت، قرض ۽ ذهني پريشانيءَ ۾ رکڻ ڄڻ رياستي پاليسي بڻجي چڪو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هڪ وڳو ڪپڙي جو بندوبست به هن لاءِ مسئلو بڻجي وڃي ٿو، پر رياست کي رڳو ڊيٽا ۽ ٽارگيٽ نظر اچن ٿا، انسان نه. ڪم دوران حالتون وڌيڪ خطرناڪ ٿي وڃن ٿيون. ليڊي هيلٿ ورڪر روزانو اٺ سؤ کان هزارين ماڻهن جي وچ مان گذري ٿي. نه ڪا محفوظ سواري، نه ڪا مستقل سيڪيورٽي. برسات هجي يا طوفان، گرمي هجي يا سردي، هن کي ايمرجنسي جي نالي ۾ ڪم تي موڪليو وڃي ٿو.

پوليو مهم دوران ته هن جي زندگي سڌي طرح موت سان مقابلي ۾ هوندي آهي، جتي هڪ هٿ ۾ دوائون ۽ ٻئي هٿ ۾ موت جو خوف هوندو آهي. 1990ع  کان وٺي خاص طور تي 2012ع کان پوءِ پوليو مهم دوران، پاڪستان ۾ 200 کان وڌيڪ ليڊي هيلٿ ورڪرز شهيد ٿي چڪيون آهن. ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جا ڪيترائي علائقا انهن عورتن جي رت سان ڳاڙها آهن. اهي عورتون گولين هيٺ ڪم ڪنديون رهيون، پر رياست جي زبان تي رڳو خاموشي رهي. نه شهيد پيڪيج، نه قاتلن خلاف سنجيده ڪارروائي، نه انهن خاندانن لاءِ ڪو مستقل سهارو. سماجي سطح تي به ليڊي هيلٿ ورڪر روزانو ذهني ۽ اخلاقي تشدد کي منهن ڏئي ٿي. وڏيرن جا لوفر پٽ هجن يا طاقتور آفيسرن جا بگڙيل اولاد، انهن جون نظرون ۽ رويا عورت لاءِ محفوظ ناهن. هوءَ پاڻ کي بچائيندي، خاموشيءَ سان پنهنجو فرض نڀائيندي رهي ٿي، ڇو ته شڪايت ڪرڻ جو مطلب نوڪري وڃائڻ، بدنامي يا وڌيڪ خطرو آهي. هيءَ خاموشي هن جي ڪمزوري نه، پر هن سماج جي بزدلي جو ثبوت آهي. جڏهن ليڊي هيلٿ ورڪر قتل ٿئي ٿي ته مذهبي شدت پسند ان کي “قدرتي عمل” يا “الله جي مرضي” چئي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اهو قدرتي عمل آهي ته پوءِ هٿيار ڪنهن کنيا؟ گوليون ڪنهن هلايون؟ رياست ڇو قاتلن جي سامهون بيٺل نظر نٿي اچي؟ ڇا عورت جي جان ايتري سستي آهي جو ان تي سوال به حرام بڻجي وڃن؟ ان سڀ جي باوجود، ليڊي هيلٿ ورڪر اميد سان جيئري آهي. هوءَ تبديليءَ جو خواب ڏسي ٿي، ارتقا تي يقين رکي ٿي، سماجي انصاف ۽ برابريءَ جي ڳالهه ڪري ٿي. پر جڏهن رياست خود سرمائيدار ۽ حڪمران طبقي جي ڪمداري هيٺ هجي، تڏهن هي اميد به روزانو آزمائش مان گذري ٿي. سماجي اڀار اڃان پري پري تائين نظر نٿو اچي، ۽ عورت اڃان به جدوجهد جي پهرين قطار ۾ اڪيلي بيٺل آهي. ليڊي هيلٿ ورڪر رڳو هڪ صحت ورڪر نه آهي، هوءَ هن سماج جي ضمير جو امتحان آهي. جيڪڏهن رياست هن عورت کي تحفظ، عزت، مناسب اجرت ۽ انصاف نٿي ڏئي سگهي، ته پوءِ ترقي، انساني حقن ۽ عورتن جي آزادي جون سڀ دعوائون بي معنيٰ آهن. سوال اڄ به زنده آهي ۽ شايد سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ سوال اهو ئي آهي ته حڪومت هن عورت کان ڪم ته وٺي ٿي، پر ڇا اها کيس انسان به سمجهي ٿي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.