راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ ڳجهي اطلاعن تي بنياد تي ڪارروائي ڪندي 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب زوب ضلعي ۾ 25 فيبروري تي سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاعن جي بنياد تي هڪ گڏيل ايريا سينيٽائزيشن آپريشن ڪيو ۽ ان دوران 10 دهشتگرد ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته اها ڪارروائي 24 فيبروري جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جي تسلسل ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ 8 دهشتگردن کي ماريو ويو هو.
بيان ۾ چيو ويو ته تازي آپريشن دوران فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وڌيڪ 10 دهشتگرد ماريا ويا.
مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به برآمد ڪيو ويو.
You might also like