اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگرد حملن خلاف دفاع جي حق ۾ ضروري قدم جاري رکندو.
ميڊيا بريفنگ ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته افغانستان طرفان ڌمڪي جوڳا بيان مايوس ڪندڙ آهن، باجوڙ ۽ بنون ۾ حملن کانپوءِ اسان ڪارروائيون دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڪيون، طالبان جي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروائيون وڌيون آهن، افغانستان مان سرگرم دهشتگرد گروهه پاڪستان ۾ حملن ۾ ملوث آهن.
هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ متحرڪ آهي، ملڪي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ادارا هم آهنگي سان ڪم ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ پاڪستاني سفارتڪارن جي حفاظت ۽ سلامتي ترجيح آهي، ان معاملي تي افغان اختيارين سان ڳالهايو آهي، اميد ته افغانستان اسان جي سفارتي عملي کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪندو، پاڪستان اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ افغان سفارتڪارن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪندو آهي.
You might also like