ٺهراءُ پاس ڪرڻ سان سازش ختم نه ٿيندي، عملي قدمن جي ضرورت آ

پروفيسر توصيف احمد

سنڌ اسيمبلي سڀ کان اڳ ۾ پاڪستان ٺاهڻ جي قرارداد منظور ڪئي هئي. سنڌ اسيمبلي هندستان جي مسلمانن کي هڪ قرارداد ذريعي اپيل ڪئي ته اهي سنڌ ۾ اچي آباد ٿي سگهن ٿا. هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ جيڪي مهاجر سنڌ ۾ آيا، تن کي سنڌين ڀليڪار ڪيو، پر پوءِ صوبي ۾ لساني تضاد اُڀريا. اقتدار ۾ رهندڙ ڪجهه حڪومتن انهن تضادن مان پنهنجا مفاد حاصل ڪيا، جڏهن ته ڪجهه حڪومتن انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هاڻي جيڪڏهن سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان مان پيدا ٿيندڙ تضادن جا اثر ايندڙ صديءَ تائين پوندا.

سنڌ اسيمبلي سنڌ کي ٽوڙڻ خلاف قرارداد ته منظور ڪري ڇڏي، پر صوبي ۾ بدترين حڪمراني ۽ عدم شفافيت جي پاڙن کي ختم ڪرڻ بابت خاموشي اختيار ڪئي. اهو تاثر ملي ٿو ته پاکستان پ پ جي حڪومت ڪراچي شهر جي اونرشپ نه ورتي، ۽ اهو به تاثر آهي ته جڏهن پيپلز پارٽي کان سواءِ ٻيون جماعتون اقتدار ۾ آيون ته انهن به ڪراچي جي اونرشپ نه ورتي. ڪڏهن ڪراچي ترقي جي ڊوڙ ۾ لاهور کان اڳتي هو، پر حقيقتون ظاهر ڪن ٿيون ته هاڻي ڪراچي لاهور کان پوئتي رهجي ويو آهي. پيپلز پارٽي مجموعي طور تي سنڌ تي 28 سال حڪومت ڪئي، پر هن شهر کي جديد بڻائڻ لاءِ سائنسي بنيادن تي جامع منصوبابندي نه ڪئي وئي. جيڪڏهن پبلڪ ٽرانسپورٽ جو جائزو وٺجي ته حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته ڪراچي 1970ع واري ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ ٽرانسپورٽ ۾ پوئتي ويو آهي. جڏهن پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت آئي ته شهر ۾ ڊبل ڊيڪر بس، ٽرام ۽ سرڪلر ريلوي هلندي هئي.

پيپلز پارٽي جي حڪومت ٽرام وي سروس بند ڪري ڇڏي. جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ جديد ماس ٽرانزٽ پروگرام بابت ڪجهه به نه ٿيو. جڏهن 1988ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي ته ماس ٽرانزٽ بابت ڪجهه فائيلن ۾ ڪم ٿيو. جڏهن بينظير ڀٽو1993ع ۾ ٻيهر وزيراعظم ٿي ته فهيم الزمان ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو. ان وقت وزيراعظم بي نظير ڀٽو ماس ٽرانزٽ پروگرام جو سنگ بنياد رکيو، پر پوءِ فهيم الزماں نئين سياسي ڪلچر ۾ پاڻ کي هم آهنگ نه ڪري سگهيو. ان جي وڃڻ کان پوءِ ماس ٽرانزٽ پروگرام گم ٿي ويو ۽ سرڪلر ريلوي به بند ٿي وئي. ڪراچي بدامني جو شڪار ٿيو. نجي شعبي ٽرانسپورٽ ۾ سيڙپڪاري بند ڪري ڇڏي. 2008ع ۾ جڏهن پيپلز پارٽي ٽيون ڀيرو وفاق ۽ سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي ته شهري چين جي مال برداري لاءِ ٺهيل چنگ چي تي سفر ڪرڻ تي مجبور هئا. ڪجهه سال اڳ شرجيل انعام ميمن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ کاتو ڏنو ويو. حڪومت 300 بسون ۽ 5 ڊبل ڊيڪر بسون هلائي پنهنجو فرض پورو سمجهيو. ڪراچي کي انڊر گرائونڊ ٽرين، اليڪٽرڪ ٽرام ۽ جديد بسن جي ضرورت آهي، پر حڪومت سنجيدگي نه ڏيکاري رهي آهي.

گذريل 18 سالن دوران ڪراچي وارن لاءِ پاڻي هڪ نئون مسئلو بڻجي ويو آهي. شهر جي ڪيترن علائقن ۾ نلن ۾ پاڻي نٿو اچي، پر هائيڊرنٽس قائم آهن جتي ٽينڪرن وسيلي پاڻي وڪرو ٿئي ٿو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ميئر کان پڇيو ته جڏهن هائيڊرنٽ تي پاڻي اچي ٿو ته نلن ۾ ڇو نٿو اچي؟ حڪومت بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻي فراهمي لاءِ متبادل نظام ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي. حڪومت جي منصوبابندي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 10 سال اڳ اربين رپين سان يونيورسٽي روڊ جي تعمير جو ٺيڪو ڏنو ويو ۽ وڏي مشڪل سان روڊ ٺهيو. پوءِ ريڊ لائن ٺاهڻ جي نالي تي ساڳي روڊ ٻيهر ٽوڙي وئي ۽ هاڻي به منصوبو نامڪمل آهي. لکين ماڻهو روزانو اذيت مان گذرن ٿا. ساڳي طرح مينا بازار ڪريم آباد انڊر پاس منصوبو به التوا جو شڪار آهي.

سنڌ ۾ نوڪرين جو مسئلو به اهم آهي. انگريزن جي دور کان قانون آهي ته گريڊ 1 کان 16 تائين جون اساميون لاڳاپيل ضلعي وارن لاءِ مخصوص هجن، پر هن قانون جي ڀڃڪڙي ٿي. اي جي سنڌ جي هڪ آفيسر موجب ان تي حڪومت خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. جڏهن ظفر راجپوت تي مشتمل سنگل بينچ هن طريقيڪار کي غيرقانوني قرار ڏنو ته حڪومت اپيل به نه ڪئي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت به سنڌ هاءِ ڪورٽ مفصل فيصلو ڏئي چڪي آهي. اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته جڏهن هن ڪميشن مان ڪرپشن ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇهن مهينن ۾ ئي استعيفا ڏئي ڇڏي. ميڊيا ۾ خبرون اچن ٿيون ته نوڪريون وڪرو ٿين ٿيون. اڳوڻي وزير تعليم پير مظهر الحق جي دور ۾ سوين استادن جي ڀرتي ۽ برطرفي جون ڳالهيون به سامهون آيون.

ڪراچي ۾ عمارتن جو ڪرڻ عام ڳالهه بڻجي وئي آهي ۽ هر ڪجهه مهينن بعد باهه جا واقعا ٿين ٿا، پر احتساب مڪمل نٿو ٿئي. لياري ۾ عمارت ڪرڻ بعد ڪجهه آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو، پر ٿورن ڏينهن ۾ آزاد ٿي ويا. گل پلازا واقعي بعد ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي معطل ڪيو ويو، پر پوءِ بحال ڪيو ويو. هڪ انگريزي اخبار جي رپورٽ موجب ضلعي غربي ۾ هڪ اڳوڻي ميمبر بلوچستان اسيمبلي جي مرضي کانسواءِ پوليس آفيسر مقرر نٿو ٿي سگهي.ڪراچي ۾ سيوريج ۽ ڪچري جو مسئلو عالمي اخبارن تائين پهتو. واٽر بورڊ وٽ سيوريج لائنن جي تبديلي لاءِ فنڊ ناهن. حڪومت ڪچرو کڻڻ لاءِ ڪارپوريشن ٺاهي، آفيسرن کي وڏي پگهار ڏني، پر شهر جو ڪو به علائقو ڪچري کان پاڪ ناهي. برسات ۾ شهر پاڻي هيٺ اچي وڃي ٿو. گندگي سبب ڪتن جي آبادي وڌي وئي آهي ۽ هر سال سوين ماڻهو ڪتن جو شڪار ٿين ٿا. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اين او سي لاءِ به ”هديي“ جي ضرورت پوي ٿي. رٽائر يا فوت ٿيل ملازمن جي پينشن فائل لاءِ ايجنٽن جي مدد وٺڻي پوي ٿي. جنرل يحيٰ خان جي دور ۾ اندرون سنڌ جي پسماندگي سبب ڪوٽا سسٽم لاڳو ٿيو. هاڻي جڏهن هر شهر ۾ يونيورسٽي آهي ۽ تعليمي معيار بهتر ٿيو آهي ته ڪوٽا سسٽم جو جواز پيش ڪرڻ ضروري آهي. ٿرپارڪر سڀ کان پسمانده ضلعو آهي ۽ ڪجهه ٻين ضلعن ۾ به غربت وڌيڪ آهي.

تحقيق ٿيڻ گهرجي ته گذريل 18 سالن ۾ انهن ضلعن تي ڪيترو خرچ ٿيو ۽ نتيجا ڇا نڪتا. جڏهن وزيراعليٰ مراد علي شاهه کان پڇيو ويو ته ڪراچي ۾ روٽي مهانگي ڇو آهي ته هن چيو آفيسرن ۾ صلاحيت ناهي، جڏهن ته اها بيوروڪريسي به ڪوٽا سسٽم تحت آئي آهي. پوءِ بدترين حڪمراني جو جواز ڇا آهي؟

صدر ملڪ جو آئيني سربراهه هوندو آهي، پر هو پارٽي قيادت به ڪري ٿو. ايوان صدر ۾ بلاول ڀٽو ڪارڪردگي بابت ڪانفرنسون ڪري ٿو. گورنرن کي به پنهنجي آئيني ڪردار تائين محدود رهڻ گهرجي. شهري مسئلن جو حل جديد شهرن جيان مقامي اختيارن سان مڪمل خودمختيار ڪارپوريشن قائم ڪرڻ ۾ آهي، جنهن جي دائري ۾ سڄو ڪراچي اچي. صوبائي وزير چون ٿا ته ڪراچي ۾ ننڍو مسئلو وڏو بڻجي وڃي ٿو. اڳ آمر ايوب خان کي به اها شڪايت هئي. سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد منظور ڪرڻ سان سازش ناڪام نه ٿيندي، ان لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.