قيمتن ۾ لاٿ باوجود پيٽرول ۽ ڊيزل اڃا به مهانگا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازو لاٿ باوجود پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل اڃا به مهانگا آهن جڏهن ته ليوي ۾ اضافو اڃا برقرار آهي.

خابرو اداري جي رپورٽ موجب 36 ڏينهن دوران حڪومت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ ٽي ڀيرا واڌ ۽ ٽي ڀيرا لاٿ ڪئي، پيٽروليم مصنوعات جا اگهه پنج هفتا اڳ جي ڀيٽ ۾ اڃا به وڌيڪ آهن. شهرين تي پيٽروليم ليوي جو بار گهٽ نه ٿيو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 36 ڏينهن دوران حڪومت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ ٽئي ڀيرا واڌ ۽ ٽئي ڀيرا لاٿ ڪئي آهي.

انگن اکرن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 36 ڏينهن ۾ مجموعي طور تي 61 رپيا 16 پيسا في ليٽر وڌاوي ويو جنهن کانپوءِ 33 رپيا 80 پيسا گهٽ ڪيو ويو. ان لاٿ باوجود ڊيزل تي 27 رپيا 36 پيسا في ليٽر اضافو اڃا به برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.