ناز سينيما شڪارپور ۽ چئن سالن جو ٻارڙو

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

سنڌ جي ماضيءَ جي پئرس شڪارپور جي اٺن قديم دروازن مان هڪ دروازو ”لکي در “ به آهي. اهو ئي لکي در جتان ڪڏهن قافلا لنگھندا هئا، اُٺن جون چڙيون وڄنديون هيون، پانڌيئڙن جي چهرن تي دز اڏامندي هئي ۽ سانجهي ٿيندي ئي دڪانن تي ڏيئا ٻرڻ شروع ٿي ويندا هئا. ورهيه وِهامي ويا آهن. پر لکي در جي رونقن ۾ ڪابه گھٽتائي ناهي آئي. اهو اڄ به هن شهر جو مصروف هنڌ آهي. لکي در جي مکيه سڃاڻپ ان جو قديمي گھنٽا گھر آهي. ان جي ساڄي پاسي گهٽيءَ ۾ مُڙبو ته هڪ پراڻي عمارت ڪَر کنيو بيٺي هوندي، جنهن کي "ناز سينيما” سڏيو وڃي ٿو. ناز سينيما جي عمارت جي حالت اهڙي آهي ڄڻ وقت سندس جسم مان روح ڪڍي ڇڏيو هجي. ڀتيون ته بيٺيون آهن، پر آواز مري چڪا آهن، دروازا باقي آهن، پر اوسيئڙو ختم ٿي چڪو آهي. ڏاڪڻيون باقي آهن، پر انهن تي چڙهندڙ خواب الائي جي ڪاڏي گم ٿي ويا آهن.

مان گذريل هفتي شڪارپور ويس. پنهنجو شهر، پنهنجي مٽي، پنهنجو ننڍپڻ، پنهنجي يادن جو شهر لکي در پهتس ته منهنجيون وکون پاڻمرادو ئي ناز سينيما ڏانهن کڄڻ لڳيون. شايد انسان جڏهن عمر جي هڪ خاص حصي ۾ داخل ٿيندو آهي ته پوءِ هو عمارتن سان نه، پر پنهنجي يادن سان ملڻ ويندو آهي. مان به اهڙي ئي ملاقات لاءِ ويو هوس. ناز سينيما جي عمارت هيٺان بيٺس هڪ عجيب ڪيفيت مون کي وڪوڙي وئي. آڏو اها اها ئي ڪاٺ جي پراڻي ڏاڪڻ هئي، وقت برابر ته ان ڏاڪڻ جي ڏاڪن کي پوڙهو ڪري ڇڏيو هيو، پر پوءِ به انهن ڏاڪن تي منهنجي ننڍپڻ جي قدمن جو کڙڪو محفوظ هيو. مان هڪ ڏاڪي تي وڃي ويٺس. اوچتو مون کي لڳو ته ڄڻ وقت پوئتي هلڻ شروع ڪيو آهي. مان هاڻي پوڙهو نه رهيو هوس. مان وري چئن سالن جو ٻارڙو بڻجي ويو هوس. اهوئي ٻارڙو، جنهن کي سندس نانو پنهنجي هنج ۾ ويهاري ناز سينيما ۾ فلم ڏيکارڻ ويو هو. منهنجو نانو فلمن جو ڏاڍو شوقين هوندو هيو، شڪارپور جي ٽنهي سينيمائن ۾ روزانو فلمون ڏسڻ ويندو هيو. تنهن زماني ۾ فلم رڳو تفريح نه هوندي هئي، زندگي جو حصو هوندي هئي. ماڻهو فلم ڏسڻ لاءِ ايئن تيار ٿيندا هئا، ڄڻ ڪنهن وهانءَ تي ويندا هجن. نوان ڪپڙا پاتا ويندا هئا، خوشبوءِ لڳائي ويندي هئي، دوستن کي سڏيو ويندو هئو. ۽ پوءِ شام ٿيندي ئي انهن سينيمائن جي ٻاهران زندگي گڏ ٿي ويندي هئي. نانو به اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ هيو. هو مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو. مون کي ياد آهي ته مان سندس هنج ۾ ويٺو هوس. فلم هلي رهي هئي، پر منهنجيون نظرون ڪڏهن سينيما جي پردي ڏانهن ٿي کڄيون ۽ ڪڏهن وري نانا جي چِهري تي بيهجي ٿي ويون. چئن سالن جي عمر ۾ انسان ڪهاڻي ناهي سمجهندو، هو رڳو روشنين، آوازن ۽ چهرن کي محسوس ڪندو آهي. منهنجي لاءِ اها هڪ فلم نه، پر هڪ خواب هيو: هڪ اڻ چٽو خواب، گھڻو پوءِ مون کي نانا اهو ٻڌايو هو ته اها فلم "ڌرتي لال ڪنوار” هئي. هڪ سنڌي فلم – زندگي سچ ته هڪ دائرو ٺاهيندي آهي. جنهن فلم کي مان پهريون ڀيرو نانا جي هنج ۾ ويهي ڏٺو هو. تنهن جي گيت نگار امداد حسيني سان دوستي ٿي وئي هئي. ساڻس ڪچهريون ٿينديون هيون، ادب تي بحث ٿيندا هئا ۽ گيتن تي گفتگو ٿيندي هئي. تڏهن مون کي اندازو ٿيو ته فلمون رڳو فلمون ناهن هونديون، اهي تهذيب جو خاص حصو هونديون آهن. اهي ماڻهن جي گڏيل يادداشت بڻجي وينديون آهن. "ڌرتي لال ڪنوار” جا گيت اڄ به سنڌ جي ماڻهن جي حافظي ۾ جيئرا آهن. ان فلم جي گيتن ۾ مٽي جي خوشبوءِ هئي، سنڌو جي آلاڻ هئي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي اوت پڻ هئي. ان دور جون فلمون انسان کي ڌرتي سان ڳنڍي ڇڏينديون هيون. اڄ جي فلمن وانگر گوڙ شور ڪونه هوندو هئو، رڳو جذباتي جذبا هوندا هئا.

ناز سينيما رڳو هڪ سينيما ڪونه هئي، پر اها شڪارپور جو هڪ ثقافتي مرڪز هوندي هئي. اتي ماڻهو فلم ڏسڻ نه پر زندگي گذارڻ ايندا هئا. انٽرول ۾ سموسا ۽ پڪوڙا وڪامبا هيا. مڱيرن  ۽ ڇولن وارا هوڪا ڏيندا هئا، ٻار گوڙ گهمسان ڪندا هئا، نوجوان هيرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، پوڙها وري فلم جا ڊائلاگ دهرائيندا ۽ گيت جهونگاريندا هئا. سينيما جي ٻاهران پان جون پڙيون هونديون هيون. چانهه جي هوٽلن تي فلم تي ڊگها بحث ٿيندا هئا. ڪو چوندو هئو "هيري اڄ واهه جي اداڪاري ڪئي” ڪنهن هيروئن جي واکاڻ ڪندي چيو "ڇا ته غضب جي سهڻي هئي هيروئن.” ڊانس  اهڙي ته ڪيائين جو وڃي ٿيا سڀ خير، ڪو فلم جي گانن کي ساراهيندو هئو ته ڪو وري ولن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هئو. مطلب ته سينيما انسانن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪندي هئي. اڄ انسان گڏ هوندي به اڪيلا ۽ ويڳاڻا آهن.

ناز سينيما جي مالڪن منهنجي گذارش تي اها اجڙيل سينيما ڪجهه دير لاءِ کولرائي هئي. مان جڏهن سينيما جي اندر گھڙيس ته دل ڳڀا ٽڪر ٿي وئي. هاڻي گوڏي جيڏي مٽي پيل هئي. لڳي پيو ته ورهين کان ڪنهن اتي ڪا وِک به ڪونه رکي هئي. سوين چمڙا اڏامي رهيا هئا. ڀتين تي اوندهه چنبڙيل هئي. پراڻين فلمن جي ريلن جا ڍير وکريا پيا هئا. اها دري به ڀڄي چڪي هئي جتان ڪڏهن پروجيڪٽر جي روشني پردي تي پوندي هئي. مان ڳچ  دير تائين ان دري کي تڪيندو رهيس، مون کي لڳو ته ڄڻ اها رڳو هڪ دري نه پر وقت جو زخم هئي. ڪڏهن ان سوراخ مان روشني نڪرندي هئي پوءِ سڄو هال روشن ٿي ويندو هئو، ماڻهو تاڙين جا ڦهڪا لائي ڏيندا هئا، سيٽيون وڄائيندا هئا. روئيندا هئا، ٽهڪ ڏيندا هئا، نعرا هڻندا هئا، هاڻي اتي رڳو ماٺ هئي. اهڙي ماٺ جيڪا منهنجي اندر کي جهير جهير ڪري رهي هئي. مان سوچڻ لڳس ته، "آخر اهڙو ڇا ٿيو جو اسان جون سينيمائون مري ويون؟ ڇا ٽيليويزن انهن کي ماري ڇڏيو؟ ڇا موبائيل فون؟ يا وري اسان پاڻ پنهنجي ثقافت کي هوريان هوريان دفن ڪري ڇڏيو؟”

انهن سوالن تي سوچيندي مون کي پنهنجو هفتيوار پروگرام "سنڌي فلم سنسار” ياد آيو، جيڪو مان پي ٽي وي ڪراچي مرڪز تان ڊاڪٽر محمود مغل جي ميزباني ۾ شروع ڪيو هئو. ان پروگرام ۾ سنڌي فلمن، فنڪارن ۽ سينيما ڪلچر تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. ان پروگرام ۾ اسان هڪ سيگمينٽ رکيو هو: "خبر” ڪهڙي هئي؟ "يعني هڪ سينيما پنهنجي واتان اهو ٻڌائيندي ته هئي مون کي ڪهڙي خبر هئي ته هڪ ڏينهن مون سان بيوفائي ٿيندي. اهو ڊاڪيمينٽري قسم جو ٻن ٽن منٽن جو هڪ سيگمينٽ هوندو هئو. اها رڳو عمارتن جي تباهي جي خبر نه هوندي هئي، پر هڪ تهذيب جي مرڻ جي خبر هوندي هئي.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پکڙيل سنيمائون هاڻي ماضي جو مرثيو بڻجي چڪيون آهن. ڪٿي انهن ۾ گودام ٺهي ويا، ڪٿي شاپنگ مال ۽ ڪٿي  شادي هال پر ناز سينيما جو ڏک ان ڪري به سرس آهي جو منجهس منهنجو ننڍپڻ دفن ٿيل آهي. تنهن ڏينهن مان ڪجهه دير تائين ان ڪاٺ جي ڏاڪڻ تي ويٺو رهيس. هيٺ اهوئي پراڻو چانور ڇولن  وڪڻڻ وارو شڪيل ويٺو هئو. وقت سندس وار چاندي ڪري ڇڏيا هئا. سندس ڇولن چانورن جي اها ئي خوشبوءِ هئي. مان هڪ پليٽ ورتي ۽ ڏاڪڻ تي ويهي کائڻ لڳس. اتي بيٺل ماڻهن شايد اهو سمجھيو هوندو ته هيءُ ماڻهو چپ ڪري ڇولا چانور کائي رهيو آهي، پر حقيقت ۾ مان پنهنجيون يادون کائي رهيو هوس. منهنجي هٿ ۾ پليٽ ۽ چمچو هو، پر ذهن ۾ نانو هيو. اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. دل ۾ هڪ عجيب آند مانڌ متل هئي. مان ان ڏاڪڻ کي هٿ لاتو. مون کي لڳو ڄڻ ڏاڪڻ هاڻي به مون کي سڃاڻي رهي هئي. چڻ ته کيس خبر هئي ته هڪ ڏينهن هي ننڍڙو ٻارڙو هتي پهرين وِک رکي مٿي ويو هئو، سندس ناني کيس ڪلهي تي کنيو هو ته جيئن هو ٿاٻڙجي ڪري نه پوي.

انسان جي زندگيءَ ۾ ڪجهه شيون ڪڏهن به پراڻيون ڪونه ٿينديون آهن، جهڙوڪ: ناني جو هٿ، ننڍپڻ جون حرڪتون، سينيما جي اوندهه، پهرين فلم. مان محسوس ڪيو ته وقت اصل ۾ ختم ناهي ٿيندو، اهو رڳو جايون مٽائيندو رهندو آهي. ڪجهه وقت انسانن ۾ رهجي ويندو آهي، ڪجهه عمارتن ۾، ڪجهه ڏاڪڻين ۾، ڪجهه وري خوشبوئن ۾ رهجي ويندو آهي.

ناز سنيما جي اها ڏاڪڻ به وقت جو هڪ ٽڪرو آهي. اڄ جي ٻارن کي شايد اندازو به نه هجي ته سينيما ڇا هوندي هئي. هاڻي فلم موبائيل تي ڏٺي پئي وڃي: اڪيلائپ ۾، ماٺ ميٺ ۾ ۽ بنا ڪنهن گڏيل جذبي جي. پر ان دور ۾ فلم هڪ تهوار هوندي هئي. سڄو گهر ڏسڻ ويندو هئو. دوست گڏ ويندا هئا. ماڻهو هڪ ٻئي سان گڏ ٽهڪ ڏيندا هئا، روئيندا هئا، تاڙيون وڄائيندا هئا. انسان اڪيلو نه هوندو هيو. شڪارپور جهڙي شهر ۾ سينيما رڳو وندر ورونهن جو ذريعو نه هئي، پر ثقافت جي ڳڙکي هئي، جتان ماڻهو دنيا جو درشن ڪندا هئا، محبت سکندا هئا، گيت ياد ڪندا هئا، ٻولي سکندا هئا، ويس وڳن جا نوان اسٽائل سکندا هئا. فلمون سماج کي متاثر ڪنديون هيون. پوءِ هوريان هوريان سڀ ڪجهه بدلجي ويو – شهر بدلجي ويا، ماڻهو بدلجي ويا، ذوق شوق بدلجي ويا ۽ پوءِ سينيمائون مري کپي ويون پر عجيب ڳالهه آهي ته عمارتون مرڻ کانپوءِ به جيئرو رهنديون آهن. اهي انسانن جيان قبرستان ۾ ناهن وينديون، اهي وچ شهر ۾ بيٺيون هونديون آهن ته جيئن ماڻهو کين ڏسي پنهنجو ماضي ياد ڪن.

ناز سينيما به هڪ اهڙي ئي قبر آهي: ثقافت جي قبر، خوابن جي قبر، احساسن جي قبر، روشنين جي قبر. مان جڏهن اتي ويٺو هوس ته مون کي لڳو ته ڄڻ ڀتيون مون سان ڳالهائي رهيون آهن. ڄڻ چونديون هجن ته "اسان ڪيترا ئي ٽهڪ ٻڌا آهن، ڪيترا ئي ڳوڙها ڏٺا آهن، ڏاڍيون محبتون ڏٺيون آهن. هاڻي رڳو خاموشي باقي وڃي بچي آهي.” اتي ويٺي ويٺي مون کي سنڌ جون ٻيون سينيمائون به ياد اچڻ لڳيون – ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، خيرپور ميرس، گھوٽڪي، جيڪب آباد الائي جي ڪيتريون سينيمائون هيون، جتي زندگي ڌڙڪندي هئي. اڄ اتي ڪجهه ٻيو آهي. اسان پنهنجيون يادداشتون ڏاڍيون سستيون وڪڻي ڇڏيون. اسان ادب وڃايو، موسيقي وڃائي، سينيمائون وڃايون ۽ هاڻي ته شايد اسان پنهنجي حساسيت به وڃائي رهيا آهيون. پر ها! اڃان به سڀ ڪجهه ختم ناهي ٿيو جيستائين هڪ ماڻهو پنهنجي پراڻي ڏاڪڻ تي ويٺو روئيندو رهندو، تيستائين ثقافت جيئري رهندي.

مان تنهن ڏينهن ڪجهه دير تائين اتي ويٺو رهيس. شام ٿيڻ لڳي هئي. هوا ۾ دز هئي. ناز سينيما جي سامهون واري هوٽل تي هڪ پراڻو سنڌي فلمي گيت گونجيو. مان سوچيو ته رونا ليلٰي جو ڳايل اهو گيت به ڪڏهن هن سينيما جي اسڪرين تي هليو هوندو. مان آخري ڀيرو سينيما ڏانهن ڏٺو مون کي لڳو چڻ اهو کنڊر ناهي، پر هڪ پوڙهي اداڪارا آهي، جيڪا ماٺ ڪري پنهنجا آخري ساهه کڻي رهي هجي. مان اٿيس ڏاڪڻ کي هڪ ڀيرو ٻيهر هٿ لڳايم ۽ هوريان هوريان هيٺ لهي آيس. پر سچ اهو آهي ته انسان ڪجهه جاين تان ڪڏهن به هيٺ ناهي لهندو هو، سدائين اتي ئي رهجي ويندو آهي ۽ منهنجو هڪ حصو اڄ به ناز سينيما جي ڪاٺ جي ڏاڪڻ تي ويٺو آهي. چئن سالن جو هڪ ٻار، جنهن سان گڏ سندس نانو به آهي. سامهون سينيما جي اسڪرين روشن آهي. فلم "ڌرتي لال ڪنوار” هلي رهي آهي ۽ دنيا اڃان ايڏي بي رحم ناهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.