ڪراچي ۾ ٽينڪر جي ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار فوت، 2 ڄڻا زخمي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪراسنگ جي ويجهو هڪ ٽينڪر جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ماڻهو زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ذريعن موجب زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ علي رضا طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين جا نالا شمشاد ۽ شايان ٻڌايا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.