عمرڪوٽ ۾ صدين کان رهندڙن تي بااثرن جي چرچ تي پوليس چڙهائي، عورتن جي تذليل

عمرڪوٽ (رپورٽ:غلام مصطفيٰ مھر) عمرڪوٽ پوليس بااثر جي چرچ تي انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا،گھر خالي ڪرائڻ لاءِ سولنگي برادري جي گھرن تي مختلف ٿاڻن جي نفري سان چڙھائي، 10 کان وڌيڪ عورتون گرفتار، ڪيس داخل، متاثرن جو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو ٽائرن کي باھيون، عمرڪوٽ ۾ پوليس پلاٽ جي تڪرار تان ڪيترن ئي سالن کان رھندڙ سولنگي برادري جي گھرن کي خالي ڪرائڻ لاءِ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي اٽالن ۽ عورت پوليس اھلڪارن سان گڏ شھر جي سلطان چوڪ وٽ سولنگي پاڙي ۾ پُھتي ته  سولنگي برادري جي عورتن پوليس جي ڪاھ تي سخت رڙيون ڪوڪون ڪيون ۽ کيس گرفتار نه ڪرڻ جون دانھون ڪيون پر پوليس کيس زبردستي گهلي کڻي وڃي موبائيل ۾ وجهي گرفتار ڪيو ويو جڏھن ته پوليس ڪاروائي تي سولنگي برادري جون عورتون ۽ مرد رستن تي نڪري آيا جن پريس ڪلب عمرڪوٽ پُھچي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، سولنگي برادري جي عورتن ۽ مردن خير محمد، تاج محمد، محمد عرس، جميلان، ڪريمان، زرينا ۽ ٻين چيو ته اسان گذريل ھڪ صدي کان وڌيڪ عرصي ھتي رھون پيا پر پوليس بااثرن جي چرچ تي اسان کي لڏائڻ چاھي ٿي ۽ اسان جي نوجوان ڇوڪرن مردن کي ٻن ڏينھن کان گرفتار ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھاڻ اسان جي گھرن تي ڪاھ ڪري عورتن کي زبردستي گهلي گرفتار ڪري وئي آھي ۽ اسان تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن جيڪا وڏي زيادتي آھي، اسان غريب مسڪين ماڻھو آھيون جنھن جي ڪوبه داد رسي ڪرڻ وارو ناھي، اسان جي گھرن تان قبضا ختم ڪرائي اسان جا گھر واپس ڏياريا وڃن ۽ داخل ٿيل ڪيس ختم ڪري انصاف ڏياريو وڃي، متاثرن طرفان هنيل ڌرڻي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ لال مالھي، ايس ٽي پي اڳواڻ ميھار بنگلاڻي، ايس يو پي اڳواڻ حاجي ساند، گل بجير، ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف مڱريو، وڪيل ميان بخش کوسو، پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ نورجھان ڳيلھڙو، برھان الدين ڪنڀر ۽ ٻيا همدردي طور پهتا، ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ٽي پي اڳواڻ ميھار بنگلاڻي، ايس يو پي اڳواڻ حاجي ساند ۽ ٻين چيو ته اسان سولنگي برادري جي گھرن تي پوليس جي ڪاھ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا اھو انتھائي غلط عمل آھي جو پوليس سري عام عورتن جي تذليل ڪري ائين گرفتار ڪري کڻي وئي آھي، انتظاميا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، پريس ڪانفرنس دوران ايس يو پي اڳواڻ حاجي ساند اکين مان ڳوڙها روڪي نه سگهيو، هن چيو ته عورتن مٿان ايڏو ظلم ڪيو ويو آهي، اسان خاموش نه ويهنداسين، لال مالهي چيو ته پيپلزپارٽي غريبن کي اجھو لٽو ڏيڻ بجاءِ پوليس جي مدد سان غريبن جا قديمي گهر ڊهرائي رهي آهي ڏاڍ ۽ ظلم جو نظام گهڻو وقت نه هلندو، پوليس جو ڪم انصاف ڏيڻ آهي پر هتي پوليس ڪمداري ڪري رهي آهي فوري طور ايس ايس پي عمرڪوٽ کي هٽايو وڃي، اڳواڻن پاران اڄ مڪمل طور هڙتال ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو.

30 سالن کان هلندڙ ڪيس ۾ هر ڀيري اسان جي حق ۾ فيصلو آيو:حبيب/حيدر شاهه

عمرڪوٽ:پلاٽ تي مالڪي جي دعوي ڪندڙ حبيب الله شاھ ۽ ڀائر علي حيدر شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سروي نمبر 909/16  وارو پلاٽ، جنهن جي ڪُل ايراضي لڳ ڀڳ 10 هزار 600 اسڪوائر فٽ آهي، هنن عالم پلي کان خريد ڪيو هو ۽ مڪمل رقم ادا ڪئي وئي هئي، هنن ٻڌايو تهپلاٽ بابت تڪرار بعد معاملو ڊپٽي ڪمشنر وٽ پيش ٿيو، جتي ڪاغذن جي جاچ بعد فيصلو سندن حق ۾ ٿيو، ان کانپوءِ ڪيس ڪورٽ ۾ هليو ۽ 2017ع ۾ ڪورٽ پڻ فيصلو سندن حق ۾ ڏنو، 1998ع ۾ پلاٽ خريد ڪيو ويو جڏهن ته 2017ع ۾ رجسٽري مڪمل ٿي، ۽ گذريل 30 سالن کان هلندڙ ڪيسن ۾ هر دفعي فيصلو سندن حق ۾ آيو آهي، ايس ايڇ او سٽي احمد بخش راھمون چيو آھي ته پلاٽ تي مالڪي جي دعوي ڪندڙ حبيب الله شاھ عدالت ۾ ڪيس کٽيو آھي، عدالت جو فيصلو حبيب الله شاھ جي حق ۾ آيو آھي، اسان عدالتي حڪم تي قبضو خالي ڪرايو آھي.

رياض چانڊيو پاران عمرڪوٽ واقعي جي مذمت

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو پاران سولنگي برادري جي عورتن تي پوليس تشدد جي مذمت ڪئي وئي آهي.

عمرڪوٽ جا انسانيت لڄائيندڙ منظر آهن: سوشل ميڊيا

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) عمرڪوٽ واقعي تي سوشل ميڊيا تي باهه ٻري پئي، صحافين، سڄاڻ ڌرين، قانوني ماهرن، شاعرن، ليکڪن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن اڳواڻن پاران سخت ردعمل ڏنو ويو آهي،  سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪندي نامياري ليکڪ نصير ميمڻ چيو ته عمرڪوٽ جي پوليس آهي يا چنگيزي لشڪر؟ انسانيت کي لڄائيندڙ منظر آهن، ايڏي طاقت هنن ڪڏهن ڌاڙيلن تي به استعمال ناهي ڪئي، صحافي تصوير سنديلو چيو ته سنڌ جي لڄ تي حملو ٿيو آهي، عمرڪوٽ جو تازو واقعو اسان جي سماج لاءِ وڏو سوال بڻجي بيٺو آهي، ٽڪي جي پلاٽ تڪرار تي غريب نياڻين سان ٿيل بدسلوڪي ضمير کي جهٽڪو ڏئي ڇڏيو آهي، صحافي ماجد سمون لکيو ته هن دور ۾ ۽ هن خطي ۾ سيد ڪير به ناهي ڀلي منهنجا دوست به سيد هجن اهي به سيد ناهن بس ماڻهو احترام ڪندا اٿن جو هو ان پاڇي ۾ لڪي ويٺا آهن پر اهڙو رويو رکندا ته اسان هنن کي بخش نه ڪنداسين، قومپرست اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي چيو ته عمر ڪوٽ واقعي ۾ زرداري مافيا ملوث آھي ايس پي ۽ سڄي پوليس دھشت گردي ڪئي آھي، عبدالحميد ابڙو چيو ته ٽڪي جو پلاٽ آهي، ان تي نياڻين جي تذليل ڪئي وئي آهي، جوابدارن کي سزا ملڻ گهرجي، نعمت کهڙو چيو ته واقعي جي مذمت ڪجي ٿي، مسئلي کي حل ڪرايو وڃي، امر سنڌو، نثار کوکر، سورٺ سنڌو، هما عباسي ۽ ٻين واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي.

سوشل ميڊيا تي ڄاڻ کان سواءِ الزام لڳايا پيا وڃن سردار شاهه:سردارشاهه

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) سردار شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي تحقيق ۽ مڪمل ڄاڻ کان سواءِ الزام لڳايا پيا وڃن، ته معاملي ۾ منهنجو ڀاءُ شامل آهي، جيڪي حقيقت جي ابتڙ آهن، معاملي  ۾ منهنجي ڳوٺ جو به ڪو ماڻهو شامل ناهي. سردار شاهه موجب ايس ايس پي ٻڌايو ته عدالتي حڪم واضح آهن ته زمين خالي ڪرائي وڃي. هن واضح ڪيو ته ڄاڻ موجب معاملي ۾ کيجراڻي جو حبيب شاهه شامل آهي جڏهن ته منهنجو ڳوٺ کارڙو سيد آهي، منهنجي ڀائرن جو ان سان ڪو واسطو ناهي، ڀلي کڻي عدالت جو حڪم هجي پر رمضان شريف ۾ نياڻين جي تذليل ڪرڻ جو ڪنهن کي حق ناهي.  مون ايس ايس پي کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي ۾ ملوثن کي انجام تائين پهچايو وڃي. معاملي جي آگاهي عدالت کي به ڏني وڃي، خبر ناهي ته اهو پلاٽ ڪنهن جو آهي. مون واقعي جون وڊيوز ڏٺيون آهن، اهو سڀ غلط ٿيو آهي، پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ايس ايس پي جي پريس ڪانفرنس ذريعي اصل حقيقتون سامهون آنديون وڃن ته جيئن غلط فهمي ختم ٿي وڃي.

عمرڪوٽ ۾ عورتن جي تذليل هر ماڻهو لاءِ ڏک وارو واقعو آهي: ام رباب

ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا) عمرڪوٽ پوليس پاران عورتن جي تذليل ڪرڻ انھن مٿان تشدد ڪرڻ واري واقعي تي ام رباب چانڊيو ويڊيو  بيان جاري ڪندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، ام رباب چانڊيو چيو آھي ته مون وٽ ايترا لفظ نه آھن جو مان سنڌ جي حڪمرانن کي ڪھڙي طريقي سان جاڳائي سگھان، مون وٽ ايترا لفظ نه آھن جو مان سنڌ جي ماڻھن کي اھڙي ٿيندڙ ظلم خلاف سجاڳ ڪري سگھان، ھر سنڌ جي غيرتمند ماڻھو لاءِ ھي انتھائي ڏکوئيندڙ واقعو آھي ته سنڌ جي نياڻين جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪيا ويا ۽ سنڌ پوليس جي ھٿان نياڻين، عورتن کي بيدردي سان تذليل جو نشانو بڻايو ويو، ام رباب چانڊيو بلاول ڀٽو زرداري سان مخاطب ٿيندي چيو آھي ته ھي اوھان جا ووٽر ۽ سپوٽر آھن اوھان مريم نواز جي گرفتاري دوران اوھان جا لفظ ڪھڙا ھئا ته اوھان ۾ شرم ۽ غيرت نه آھي ته عورت کي ڪئين گرفتار ڪيو وڃي ٿو، بلاول صاحب ھي به سنڌ جون نياڻيون آھن انھن کي ڪھڙي طريقي سان روڊن تي گھليو ۽ انھن جا ڪپڙا ڦاڙيا ويا آھن، اوھان کي فورن نوٽيس وٺي انھن خلاف ڪاروائي ڪرڻ گھرجي.

آءِ جي پاران نوٽيس،پوليس ٽيم جي معطلي جو حڪم

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) عمرڪوٽ ۾ عورتن سان بدسلوڪي ۽ چادر چوديواري جي تقدس جي ڀڃڪڙي جي خبر تي آءِ جي جاويد عالم اوڍو نوٽيس ورتو. ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي حڪم ڏنو ويو  ته ڪارروائي ۾ شامل مڪمل پوليس ٽيم سميت ايس ايڇ او کي فوري طور معطل ڪيو وڃي. ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد جي سربراهي ۾ نوشهروفيروز ۽ ميرپورخاص تي ٻڌل اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي ٺاهي وئي، جيڪا عدالتي حڪمن جي روشني ۾ مڪمل رپورٽ پيش ڪندي. آءِ جي سنڌ چيو آهي ته عورتن جي حقن ۽ چادر چوديواري جي حفاظت کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو.  ٻئي پاسي پوليس جي تشدد ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ڪجهه پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي عمرڪوٽ چيو ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي.

عمرڪوٽ واقعو ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو، هڙتال ۾ ساٿ ڏيو: لال مالهي

عمرڪوٽ (ڊ ر) پي ٽي آءِ اڳواڻ لال مالهي چيو آهي ته اها رڳو سولنگين سان نه پر سڀني عمرڪوٽ واسين سان زيادتي آهي، اڄ هڙتال ۾ واپاري ڀائر ساٿ ڏين. اڄ جن سان زيادتي ٿي آهي اها سڀاڻي عمرڪوٽ واسي ڪنهن ٻئي سان به ٿيندي، سولنگي برادري سان مڪمل ايڪي جو اظهار ڪيو وڃي، پ پ اٽي، لٽي ۽ اجهي جو واعدو ڪيو هو، هڪ پاسي اهي واعدا پيا ڪن ٻئي پاسي  غريبن کان اجها کسيا پيا وڃن، چون ٿا 20 لک گهر  ٺاهي ڏنا آهن، 20 لک گهر ڇڏيو توهان غريب کي پنهنجي جهوپڙي ۾ رهڻ ڏيو، هن چيو ته ڇا ڪيس اهو آهي ته هو رمضان جي مهيني ۾ روزي ۾ هيون يا کين وڏيرن جي ونگار وهڻي آهي؟ ظلم خلاف عمرڪوٽ ۾ اڄ ڀرپور هڙتال ڪئي ويندي.

عمرڪوٽ واقعي ۾ ملوث ذميوارن کي گرفتار ڪيو وڃي:سڄاڻ ڌريون

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي سڄاڻ ۽ قومپرست ڌرين عمرڪوٽ ۾ پوليس جي عورتن مٿان تشدد جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عمرڪوٽ ۾ ماڇي برادريءَ جي غريب خاندانن کي پوليس وسيلي زبردستي بي دخل ڪرڻ جو عمل نهايت ئي مذمت جوڳو عمل آهي، ايس يو پي صدر سيد زين شاهه چيو ته نسلن کان آباد رهندڙ ماڻهن کي پنهنجن گهرن کان محروم ڪرڻ سراسر ناانصافي، غيرانساني ورتاءُ آهي، جيڪڏهن ڪو قانوني تڪرار موجود به هجي، تڏهن به شهرين جي عزتِ نفس ۽ بنيادي حقن، خاص طور عورتن جي وقار  ۽ حرمت جو هر صورت ۾ تحفظ يقيني بڻائڻ رياست ۽ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي، اهڙي توهين آميز ۽ ڏاڍَ تي مبني طريقي سان بي دخلي، بي حسي، نااهلي ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي عڪاسي ڪري ٿي، مطالبو ڪيان ٿو ته متاثر خاندانن کي تحفظ فراهم ڪري، معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي، جڏهن ته عمرڪوٽ ۾ماڇي برادريءَ جي گهرن تي پوليس چڙهائي، عورتن، معصوم ٻارن ۽ ٻڍن تي بدترين تشدد ڪري گرفتار ڪرڻ، عورتن کي پوليس موبائيلن ۾ اڇڻ ۽ گهر خالي ڪرائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ مير پرويز دائود پوٽو ۽ نور نبي پليجو چيو آهي ته سنڌ پوليس کي وڏيرن جو ذاتي ڪمدار بڻايو ويو آهي، پوليس پورهيت ۽ مسڪين ماڻهن کان گهر خالي ڪرائڻ لاءِ قيامت ڪڙڪائي آهي. عورتن کي بدترن تشدد جو نشانو بڻائي پوليس موبائيلن ۾ اڇلايو، سنڌ پوليس قانوني ۽ بنيادي انساني حقن کي پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙي ڇڏيو آهي. پوليس جي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ملڪ جو ڪوبه ادارو قانوني قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي عمرڪوٽ ۾ نياڻين سان پيش آيل توهين آميز سلوڪ ۽ تشدد واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو واقعو انتهائي افسوسناڪ، ڏکوئيندڙ ۽ انساني قدرن جي ابتڙ آهي، جيڪڏهن ڪو قانوني معاملو هو ته به ان جي نالي تي عورتن، ٻارن يا مردن جي تذليل ڪرڻ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ نه صرف غير اخلاقي عمل آهي پر انساني حقن جي کلي ڀڃڪڙي پڻ آهي. قانون جي عملداري جو مطلب ڏاڍ، تشدد ۽ هراس نه، پر انصاف، وقار ۽ انساني احترام سان قانون لاڳو ڪرڻ آهي, قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجي پڻ عمرڪوٽ ۾ ڏھاڪن کان آباد غريب ماڇي برادري جي خاندانن کي لڏائڻ ۽ نياڻين سان توهين آميز سلوڪ ۽ تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ڪنھن کي به ڪنھن زمين يا جاءِ تان اٿارڻ لاءِ يا ته ٽريس پاس يا اليگل ڊسپزيشن جو ڪو ڪيس ۽ فيصلو ھئڻ گهرجي يا سول ڪورٽ جي سوٽ فار پزيشن جو فيصلو لازمي آھي، عدالتي فيصلو ھئڻ جي صورت ۾ به تشدد، بيحرمتي يا توھين جي ھرگز اجازت ناھي، ھن معاملي ۾ ته نه ڪو عدالتي فيصلو ظاھر ٿيو آھي نه ڪا جاچ رپورٽ موجود آھي، پوليس غريب ڳوٺاڻن، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪري ظلم ۽ بربريت جي انتھا ڪئي آھي. غريب ڳوٺاڻن کي گھرن کان محروم ڪرڻ غير انساني، غير قانوني عمل ۽ دھشتگردي آھي، ٻئي پاسي جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڪامريڊ دودوديشي عمرڪوٽ واقعي تي چيو آهي ته صرف ڏهه ھزار اسڪوائر فٽ جي پلاٽ کي خالي ڪرائڻ لاءِ عمرڪوٽ ۾ ماڇي برادري جي نياڻين جي تذليل  تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي سنڌ دشمنن جي قبضي تي حڪمرانن جي وات ۾ مڱ پيل آھن، عمرڪوٽ سرڪار وڏي زيادتي ڪئي آهي، چون پيا ته سردار شاهه ۽ ان جي ڀاءُ سولنگي برادري سان ظلم ڪرايو آهي، واقعي خلاف اڄ ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت جو اعلان ڪيون ٿا.سنڌين نيشنل ڪانگريس اڳواڻن چيو آهي ته عمرڪوٽ واقعي جي مذمت ڪجي ٿي، سنڌي نڌڻڪا ناهن، اسان انهن جا وارث آهن، هنگامي گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر سارنگ جويي، مرڪزي آرگنائيزر محسن سولنگي، مرڪزي آرگنائيزر سھڻي جويو، مرڪزي آرگنائيزر مڪِيش ڪمار، ۽ مرڪزي آرگنائيزر اعزاز لغاري چيو ته سنڌ اندر انڌير نگري ۽ چرٻٽ راڄ جو قانون آھي، جتي لکين ڌاريا، افغاني، بنگالي، بھاري، ۽ ٻين صوبن جا ماڻھو قبضا ڪري رھن پيا ۽ انھن کي پري پلان طريقي سان رھائشي اسڪيمون ٺاھي کين سھولتون ڏئي آباد ڪيو پيو وڃي، پر صدين کان پنھنجي ئي وطن سنڌ ۾ عمرڪوٽ ضلعي ۾ رھندڙ سولنگي برادريءَ کي لڏائڻ لاءِ سندن گهرن مٿان پوليس پاران ڪاھ ڪري گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ، معصوم نياڻن، عورتن ۽ ٻارن تي بدترين تشدد ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، تشدد خلاف احتجاج ۽ هڙتال ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.