حڪومت پاران جينڪوز جا ھلندڙ منافع بخش سرڪاري پاور ھائوسز بند ڪري ڪٻاڙ ۾ کپائڻ ۽ ملازمن کي جبري طور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ڊائون گريڊ ڪري ايڊجسٽ ڪرڻ ۽ سندن فيمليز کي رھائشي ڪالونين کان بي دخل ڪري ٻارن جي تعليم تباھ ڪرڻ کان پوءِ جينڪوز ريٽائرڊ ملازمن، فوتي ملازمن جي بيواھن ۽ يتيم ٻارن (پينشنرز) کي سرپلس ڪري کين ڊوسڪوز جي ڪمپنين ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جا سانباھا ڪري رھي آھي. جنھن سان پينشنرز عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آھن. ڇو ته ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جو پنھنجو مستقبل خطري ۾ آھي. حڪومت انھن ڪمپنين کي به آءِ ايم ايف سان پرائيويٽائيز ڪرڻ جو معاھدو ڪري چڪي آھي. انھي لاءِ ريٽائرڊ ملازمن جي وفاءِ تنظيم فلاح و بھبود برائي ريٽائرڊ ملازمين صوبه سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته جينڪوز جي پاور ھائوسز جي ساڍي پنج ھزار پينشنرز کي ڊسڪوز ۾ دربدر ڪرڻ جي بجائي سندن پنھنجي پراڻي اداري واپڊا (واٽر رسورسز) ۾ ضم ڪري مستقبل کي محفوظ بڻايو وڃي. ساڳي وقت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي واضع حڪمن ڪافي سالن کان ريٽائرڊ ملازمن کي گروپ لائيف انشورنس جي رقم جي ادائيگي کان ھن وقت تائين محروم رکيو آھي. جڏھن ته ڄاڻايل بل قومي اسيمبلي جي قانون واري اسٽينڊنگ ڪميٽي وٽ ڪافي مھينن کان التواءَ هيٺ آھي. حڪومت جي مٿين ذيادتين خلاف وفاء تنظيم فلاح و بھبود برائي ريٽائرڊ ملازمين صوبي سنڌ پاران تاريخ 20 ڊسمبر 2025 بروز ڇنڇر صبح جو 11 وڳي وئي ٽرسٽ ھال نزد چلڊرين اسپتال گلشن چورنگي گلشن اقبال ڪراچي جي مٿين لوڪيشن تي آل سنڌ پينشنرز ڪنوينشن جو پروگرام منعقد ڪيو آھي.
احمد سلمان شاھين صدر
شمس الدين سولنگي چيف آرگنائيزر
وفاءِ تنظيم فلاح و بھبود برائي ريٽائرڊ ملازمين صوبه سنڌ