عام خيال آهي ته صدر ٽرمپ موجوده آمريڪي بالادستي واري عالمي نظام کي بچائڻ جي سخت ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته حقيقت ڪجهه مختلف آهي. هو پهرين مرحلي ۾ ملڪ کي تاريخ جي بدترين مالي خساري مان ڪڍڻ ۽ ٻئي مرحلي ۾ ان کي تيزيءَ سان اڀرندڙ ڪثير قطبي معاشي ۽ سياسي عالمي نظام سان هم آهنگ ڪرڻ چاهن ٿا. هي بيشڪ انتهائي ڏکيو چيلينج آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ ڪجهه حقيقتن ۽ تاريخي پس منظر جو جائزو وٺڻ ضروري آهي۔
آمريڪي بالادستي وارو موجوده عالمي نظام ٻي عالمي جنگ کان پوءِ وجود ۾ آيو. ان کان اڳ دنيا جي 23 سيڪڙو آبادي ۽ 24 سيڪڙو علائقي تي برطانيا حڪمراني ڪري رهيو هو. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ سبب برطانيا معاشي طور تباهه ٿي چڪو هو ۽ کيس پنهنجن فوجين جي پگهارن ۽ رياستي خرچن لاءِ انهيءَ آمريڪا جي سامهون هٿ ڊگها ڪرڻا پيا، جيڪو پاڻ 198 سال تائين سندس نوآبادياتي غلام رهيو هو. آمريڪا يورپي ملڪن وانگر نوآبادياتي طاقت نه هو، پر پنهنجي غيرمعمولي دانائيءَ جي ڪري پهرين عالمي جنگ کان اڳ ئي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت بڻجي چڪو هو.
هن ٻي عالمي جنگ دوران برطانيا کي 31.4 ارب ڊالر، سوويت يونين کي 11.3، فرانس کي 3.2، چين کي 1.6 ۽ ٻين اتحادي ملڪن کي 2.6 ارب ڊالر مالي مدد فراهم ڪئي، جيڪا اڄ جي حساب سان لڳ ڀڳ 672 ارب ڊالر جي برابر ٿئي ٿي. ٻي عالمي جنگ 1 سيپٽمبر 1939 تي شروع ٿي، پر آمريڪا 7 ڊسمبر 1941 تي پرل هاربر تي جاپاني حملي کان پوءِ سڌي طرح جنگ ۾ شامل ٿيو. جنگ 1945 ۾ ختم ٿيڻ سان ئي اها عظيم برطانوي سلطنت زوال پذير ٿي وئي، جنهن بابت چيو ويندو هو ته هتي سج ڪڏهن نه لهندو آهي۔
برطانيا جي عالمي بالادستي ختم ٿي ۽ آمريڪا دنيا جي قيادت سنڀالي. عالمي سياست جو مرڪز هاڻ لنڊن نه پر واشنگٽن بڻجي ويو، پائونڊ جي جاءِ تي ڊالر عالمي ريزرو ڪرنسي بڻجي ويو، وال اسٽرٽ عالمي ماليات جو مرڪز بڻجي ويو، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ ذريعي نون آزاد ملڪن کي “سڌي رستي” تي آندو ويو، گڏيل قومون ۽ ان جا ادارا ٺهيا ۽ دنيا جي 70 کان وڌيڪ ملڪن ۾ 750 فوجي اڏا ٺهيا. هن نظام ذريعي آمريڪا سڄي دنيا کي پنهنجي سياسي، فوجي ۽ مالي گرفت ۾ رکيو. 75 سالن کان دنيا تي ان جو حڪم ۽ ڊالر جي بادشاهي هلندي رهي۔ هڪ سال اڳ تائين هي نظام مضبوط نظر اچي رهيو هو، پر ٽرمپ جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ اها حقيقت سامهون اچي وئي ته هي نظام هاڻي ڪمزور ٿي چڪو آهي۔
ٻه قطبي دنيا جي خاتمي کان پوءِ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي انقلاب دنيا جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. سرد جنگ ۾ پسندڙ غريب ملڪن ۾ معاشي تبديليون ايندي ويون. چين جست لڳائي دنيا جي ٻي وڏي معيشت ۽ ڀارت چوٿين وڏي معيشت بڻجي ويا. گڏوگڏ ويتنام، ملائيشيا، ٿائيلينڊ، انڊونيشيا، ڏکڻ آفريقا، برازيل، ترڪي سميت ڪيترن ملڪن ۾ تيز ترقي ٿي. برڪس جهڙن ملڪن ۾ دنيا جي 50 سيڪڙو آبادي رهي ٿي ۽ عالمي معيشت ۾ انهن جو حصو 40 سيڪڙو آهي. ان جي مقابلي ۾ آمريڪا ۽ يورپ جا ملڪ مهانگي پيداوار سبب مقابلي ۾ پوئتي رهجي ويا ۽ معاشي سست رفتاري جو شڪار ٿيا. آمريڪا جو عالمي معيشت ۾ حصو گهٽجي 14.46 سيڪڙو ٿي ويو جڏهن ته چين جو وڌي 18.76 سيڪڙو تائين پهچي ويو، جنهن دنيا ۾ معاشي ۽ سياسي طاقت جا نوان مرڪز پيدا ڪري ڇڏيا۔
هاڻي دنيا ماضي جهڙي نه رهي آهي. اڳ آمريڪا ملڪ کي چوندو هو ته يا ته اسان سان گڏ هجو يا اسان جي خلاف۔ هاڻ ملڪ وٽ رڳو آمريڪا تي ڀاڙڻ جو اختيار نه رهيو آهي. ڊالر، واپار ۽ پابندين جا اوزار هاڻ ڪمزور ٿي رهيا آهن. ايران ۽ روس سخت پابندين باوجود پنهنجي ڪرنسيءَ ۾ واپار شروع ڪيو. ڀارت روس کان تيل خريد ڪرڻ تي امريڪا جي دٻاءُ باوجود نه رڳو درآمد وڌائي ڇڏي پر 80 سيڪڙو واپار روبل ۽ رپئي ۾ ٿيڻ لڳو۔
ان جي ابتڙ آمريڪي معيشت زوال پذير آهي، تجارتي خسارو وڌي رهيو آهي ۽ قومي قرض مجموعي قومي پيداوار کان وڌي ويو آهي۔ هاڻ آمريڪا لاءِ دنيا تي عالمي حڪمراني جو مالي بار کڻڻ ڏکيو ٿي پيو آهي۔ جيڪڏهن اڳوڻيون آمريڪي حڪومتون وقت سر ان تبديليءَ کي سمجهي سڌارا آڻين ها ته اڄ ٽرمپ ايتري دٻاءَ ۾ نه هجن ها ۽ دنيا سان ٽڪراءُ جي اها صورتحال پيدا نه ٿئي ها۔
هاڻ به آمريڪا دنيا جي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت آهي۔ چين جي جي ڊي پي اڃا به آمريڪا کان 10 ٽريلين ڊالر گهٽ آهي، جڏهن ته جاپان، ڀارت ۽ جرمني کي آمريڪا جي سطح تائين پهچڻ لاءِ 25 ٽريلين جو اضافو ڪرڻو پوندو۔ ٽرمپ چاهي ٿو ته هن طاقت کي بنياد بڻائي دنيا جي انهن نون معاشي ۽ سياسي مرڪزن سان نئون بندوبست ڪري۔ ممڪن آهي ته مستقبل ۾ آمريڪا يورپ کي پاسي تي رکي پاڻ به چين، جاپان، ڀارت ۽ روس سان گڏ نئين ڪثير الجهتي عالمي نظام جو حصو بڻجي وڃي۔ ڇا آمريڪا هن ڏکئي تبديليءَ مان ڪاميابي سان نڪري سگهندو؟ اهو آمريڪي دانش ۽ صدر ٽرمپ ٻنهي جو وڏو امتحان آهي۔