گولاڙچي مان کنڀيل شاگرد جو پتو نه پيو، وارثن ۽ مهيري برادري جو ڌرڻو

گولاڙچي (رپورٽ:عيدن زندپور) گولاڙچي مان 20 ڏينهن اڳ کنڀيل شاگرد جو پتو نه پيو ، وارثن ۽ مھيري برادري جو ڌرڻو، 20ڏينھن  پهريان گولاڙچي مان کنڀيل کورواھ جي ڳوٺ بجاري شريف واسي نائين ڪلاس جي شاگرد عليم مھيري جو پتو نه پيو، جڏھن ته شاگرد جي جبري گمشدگي خلاف وارثن ۽ مھيري برادري پاران ابراهيم مهيري اڪبر مهيري يارمحمد مهيري ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ بچل واٽر بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو ھڻي ڪراچي ۽ ٿرڪول ھائي وي ٽن ڪلاڪن تائين بند ڪيو ويو، جنھن جي نتيجي سوين گاڏيون بيهجي ويون، اڳواڻن چيو ته اسڪول ۾ پڙھندڙ معصوم نينگر کي کنڀي گم ڪرڻ وڏو ظلم آھي، شاگرد کي فوري آزاد ڪيو وڃي نه ته احتجاجي تحريڪ ھلائينداسين، جڏھن ته ايس ايڇ او گولاڙچي انور لغاري مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪيو، ٻئي طرفنينگر جي جبري گمشدگي خلاف احتجاجن ڳوٺ بجاري شريف واسين بارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان پڻ انڪار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.