اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن جي ماهرن جي رپورٽ ڀارت جي غير ذميواراڻي رياستي طريقيڪار کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.
آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته گڏيل قومن جي رپورٽ پاڪستان جي ڊگهي عرصي واري موقف جي تصديق ڪري ٿي.
هن چيو ته رپورٽ ڀارت جي غيرذميوار رياستي طرزعمل کي ظاهر ڪري ٿي، ٻين ملڪن ۾ ڀارتي مداخلت ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جون رپورٽون خطرناڪ رجحان جو ثبوت آهن.
صدر وڌيڪ چيو ته پاڻي جي وهڪري تي اثر انداز ٿيندڙ ڪارروائيون پاڪستان جي حقن جي ڀڃڪڙي آهن، قانون ۽ ڳالهين جي بدران ڌمڪي، طاقت ۽ تشدد کي اپنائڻ ڀارت جي عادت آهي، ڀارت اقليتن کي ڀيت سان لڳائڻ واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي.
You might also like