اُتر سنڌ ۾ امن امان جو اهم مسئلو آهي، تعليم تباھ آهي\صنعان قريشي

گهوٽڪي(پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، مرڪزي قيادت امجد خان مهيسر، ديدار شام، مومن سمون سان گڏ گهوٽڪي پهتو، منصور مهر، فقير رمضان ڪلوڙ، محبوب گهوٽو، نعمان سنڌي ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي، جسقم چيئرمين مخالف تعزيتون پڻ ڪيون ان موقعي تي صنعان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اُتر سنڌ ۾ امن امان جو اهم مسئلو آهي، بدامني سبب امن ۽ تعليم مڪمل تباھ ٿي وئي آهي، شهري ۽ ڳوٺاڻا غير محفوظ آهن، سرڪار ڪٿي به نظر نٿي اچي، هن وڌيڪ چيو سنڌ جي وحدت خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۽ دماغ ۾اهو خيال آهي ته ڪڍي ڇڏي ٻي صورت ۾ سنڌ مان نڪري وڃي، هن ڪراچي جي روڊن تي پوليس ۾ ڀرتي لاءِ سيٽ پاس ڪندڙن جي احتجاج تي پوليس جي لاٺي چارج ۽ تشدد جي مذمت ڪجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.