حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو آهي ته بار ايسوسيئيشنز جو بنيادي ڪردار عام ماڻهن تائين انصاف جي پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي، ڇو ته وڪيل ۽ بار تنظيمون انصاف جي نظام جو انتهائي اهم جز آهن. مضبوط ۽ ذميوار بار کانسواءِ عدالتي نظام مڪمل ۽ اثرائتو نٿو ٿي سگهي. سيشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته قانون جي حڪمراني برقرار رکڻ بار ايسوسيئيشنز جي اهم ذميوارين مان هڪ آهي. بار تنظيمون نه رڳو وڪيلن جي نمائندگي ڪن ٿيون، پر انهن تي اهو به فرض عائد ٿئي ٿو ته هو قانون جي بالادستي، انساني حقن جي تحفظ ۽ عدالتي وقار کي هر حال ۾ برقرار رکن. هن چيو ته انصاف جي فراهمي، انساني حقن جو تحفظ ۽ سماج ۾ قانون جي بالادستي قائم رکڻ لاءِ وڪيلن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. ساڳئي وقت وڪيلن جي فلاح ۽ بهبود به بار ايسوسيئيشنز جي اهم ذميواري آهي، جيئن وڪيل پنهنجي پيشه ورانه فرضن کي آزادي ۽ اعتماد سان ادا ڪري سگهن.ھن وڪيلن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پنهنجي پروفيشن کي هر حال ۾ داغدار ٿيڻ کان بچايو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن وڪيلن جي عمل ۽ روين سبب عوام جو اعتماد متاثر ٿيو ته ان سان سموري عدالتي نظام جي ساک کي نقصان پهچي سگهي ٿو. وڪيلن جو وقار ئي عدليه جي طاقت آهي ۽ اهو وقار برقرار رکڻ هر وڪيل جي ذاتي ۽ اجتماعي ذميواري آهي. هن زور ڀريو ته بار ۽ بينچ وچ ۾ مثبت، تعميري ۽ احترام تي ٻڌل لاڳاپا هئڻ گهرجن، ان کان اڳ چيف جسٽس ظفرراجپوت حيدرآباد ۾ ضلعي عدالتن سان لاڳاپيل مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو. چيف جسٽس سيشن ڪورٽ حيدرآباد جي احاطي ۾ نئين تعمير ٿيل عمارت “ايٽ ڪورٽس” جو باضابطه افتتاح ڪيوچيف جسٽس عورتن لاءِ قائم ڪيل “زچهه و ٻچه سهولت روم” جو به افتتاح ڪيو، جيڪو سول ڪورٽس جي احاطي ۾ عورت سائلين کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. عورت سائلين لاءِ سهولت پروجيڪٽ جو باقاعده آغاز پڻ حيدرآباد مان ڪيو ويو.