چيف اليڪشن ڪمشنر جي طبيعت خراب، ڪراچي بار جون چونڊون ملتوي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جون ساليانو چونڊون ملتوي ڪيون ويون، اهو فيصلو اميدوارن ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ اعليٰ عملدارن جي ملاقات کان پوءِ ڪيو ويو، ذريعن موجب صلاح مشوري کان پوءِ ايندڙ تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو، صبع جو پولنگ جي دوران چيف اليڪشن ڪمشنرسيشن جج عبدالنعيم مميڻ جي خراب صحت سبب پولنگ روڪي وئي، هن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو بعد پولنگ شروع نه ٿي سگهي، ڪراچي بار پاران متبادل چيف اليڪشن ڪمشنر مقررڪرڻ لاءِ رجسٽرار هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو ته نامزد چيف اليڪشن ڪمشنر دل جي دوري سبب اسپتال ۾ داخل آهي، ٻيو چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو وڃي، ڪراچي جي بار جي چونڊن ۾ صدر، نائب صدر، جنرل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي ۽ لائبريرين سميت مختلف عهدن تي سخت مقابلا ٿيڻا هئا، صدر جي عهدي لاءِ عامر نواز وڙائچ، جي ايم ڪورائي، وقار عالم عباسي ۽ اسد الله شاهه راشدي وچ ۾ مقابلو ٿيڻو هو، نائب صدر جي عهدي لاءِ عامر شهزاد، عرفان علي، محمد هارون، محمد عرفان، نذير شر، سعيد احمد، شير بانو ۽ بيرسٽر عذير غوري اميدوار آهن، جنرل سيڪريٽري جي سيٽ لاءِ رحمان ڪورائي، محمد ارشد شر، عمران عزيز، آصف ڪوريجو، محمد شاهد، طارق آرائين ۽ ممتاز خان تنولي ميدان ۾ آهن، ٻئي پاسي وڪيل اڳواڻ رحمان ڪورائي جو چوڻ هو ته ڪار بار جون چونڊون سازش تحت ملتوي ڪيون ويون آهن، اسان نئون چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻ جي گهر ڪئي هئي پر ايئن نه ٿيو، عامر وڙائچ جو چوڻ هو ته وڪيلن جي چونڊن ۾ مداخلت نه ڪريو، جج جي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اليڪشن ملتوي ڪئي وئي پر ٻيو اليڪشن ڪمشنر ڏنو وڃي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.