ڪراچي ۾ بيروزگارن جو سي ايم هائوس ڏانهن مارچ، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ پوليس جي ايس پي ڊي زيرو ون 2024 جي ويٽنگ اميدوارن کي آفر آرڊرز جاري نه ڪرڻ جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب کان وزير اعلي سنڌ ھائوس طرح مارچ تي پوليس جي طرفان رستا روڪ ڪري وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، ان احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻ مظفر علي جوکيو فاروق شر زاھد ميمڻ بابر جاگيراڻي زوھيب خاصخيلي وسيم بليدي سميت ڪيترائي اميدوار گرفتار ڪيا ويا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اميدوارن ته ھزاري بيروزگار نوجوان پنهنجي حق لاءِ پرامن احتجاج ڪيو ته پوليس ناجائزي ڪري گرفتار ڪيو آهي جيڪڏهن اسان کي آفر آرڊرز جاري نه ڪيان ويا ته اسان احتجاج ڪو دائرو وڌائينداسين.احتجاج ڪندڙ سمورن آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي پوليس گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.