شبير لاکي کي ماضي ۾ ڏٺوسين ته ايئن ئي لڳندو هو هڪ هٽو ڪٽو نوجوان جيڪو گهمندو هو ته ڌرتي ڌٻندي هئي اڄ ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهي. گڙدن جي بيماري جان ليوا آهي، جيڪڏهن ان جو علاج نه ٿيو ته ماڻهو جلد کان جلد پنهنجن کان ڏور هليو ويندو . نه رڳو گڙدن جي بيماري قاتل بيماري آهي پر غربت به هڪ خطرناڪ بيماري آهي، جيڪا اندران ئي اندران ماڻهو کي کائي کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي، غربت مان انيڪ بيماريون جنم وٺنديون آهن. ۽ غربت شبير لاکي جو بنيادي مرض ٿيندو پيو وڃي
شبير لاکو ڪافيءَ جو برجستو شاعر آهي. توڙي جو شاعريءَ جي ٻين صنفن تي به طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو ۽ ڪافي سالن کان گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد جو ريگيولر ميمبر به رهيو آهي. جڏهن ته ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان کوڙ سارا علمي ادبي پروگرام ڪري علائقي واسين علم ادب جي لاٽ کي هڙان وڙان وٿ وس آهر جاري رکيو اچي ڪافيءَ جو هي شاعر پيرين پنڌ ڊگها ڊگها سفر ڪندي سنگت لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. هي هر وقت پيرين پنڌ گهمندي نظر ايندو آهي جيڪا سندس سچائي جو ثبوت آهي.
هي هڪ مسڪين شاعر آهي، جنهن کي ڪيترائي سال اڳ اسٽيل ميل به روزگار کان بيدخل ڪري ڇڏيو . هن جا دوست به يقينن هوندا، هي اسان جو به دوست آهي ڇو ته اسان هڪ علائقي ۾ رهندڙ آهيون ۽ سٺا دوست آهيون. پر اڄ جي دور ۾ دوست رڳو کلڻ مهل گڏ هوندا آهن، انڪري هن سان به گڏجي هن جا دوست به کيس سان ٻانهن ٻيلي يقنن هوندا ڪي نه به هوندا جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اڄ هن شاعر جي صحت جي حالت ڳڻتي جوڳي نه هجي. هي خوددار آهي. خوددار ماڻهوءَ جو ئي وڙ هوندو آهي ته هو ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ بدران پنهنجي خودي ترجيح ڏيندو آهي. انڪري شايد هن ڪڏهن به ڪي دانهون ڪوڪون نه ڪيون آهن جيڪي ادارن تائين پهچي سگهن. سنڌ جي ثقافت کاتي جي نمائندن جي هن تي اک نه پئجي سگهي آهي.
هو ذاتي طورتي تمام گهڻو بااخلاق ماڻهو آهي. هن جي سڀني سان هٿ ٻڌڻ جي واٽ آهي. هي پنهنجي سڀاءَ ۾ نماڻو ۽ نمرتا وارو ماڻهو آهي. هن ڪنهن به صورت ۾ ڪهڙي به حال ۾ اخلاق جو دامن نه ڇڏيو آهي. مخالف به هوندو تڏهن به ان سان نوڙي ملڻ هن جي تربيت ۾ شامل آهي.
اڄ ويٺي ويٺي منهنجي ضمير مونکي ڌونڌوڙيو ۽ پڇيائين ته اوهين جيڪڏهن هن مسڪين شاعر لاءِ پنهنجا آواز نه ٿا اٿاري سگهو ته پوءِ جڏهن هو هن مرض وگهي هتان هليو ويندو ته پوءِ اوهين ڪهڙي منهن سان چوندا ته ته شبير ڀلو ماڻهو هو هر ڪنهن سان نوڙي ملندو هو، مسڪراهٽ هن جي چهري جو شناختي ڪارڊ هئي. ڪيترائي ماڻهو اسان جي وچ مان هليا ويندا آهن. جڏهن مٿن مٿي تي هٿ رکڻ جو وقت هوندو آهي ته ان وقت اسين ڪٿي ڪنهن ٻر ۾ لڪي ويندا آهيون تيستائين جيستائين سندن جنازي جو اعلان ڪنهن لائوڊ اسپيڪر تان نه ٿئي.
سو هاڻي سنڌ حڪومت علائقي جي ايم اين ايم پي اي سياسي سماجي ڌرين کي هن مسڪين شاعر جي سار لهڻ گهرجي جيڪو سندس حق به آهي شبير لاکي جي هرممڪن مدد ڪرڻ گهرجي حقيقي آرٽسٽ جي واهر ڪري ۽ سندس علاج ڪرائي يا هن کي سندس ڏکين حالتن ۾ ڪا مالي مدد فراهم ڪري، ان نيڪ عمل حڪومت جو ڪنڌ مٿي ٿيندو ته هي ان ماڻهوءَ تائين وڃي پهتا جنهن ماڻهوءَ جي حوالي سان چوڌاري خاموشي آهي.