رحمٰن بلوچ: ان داتا يا ولن؟

تحرير: انور ساجدي

عبدالرحمٰن بلوچ ظاهر آهي ڪا اهڙي تاريخي شخصيت نه هو، جنهن تي عمر مختار جهڙي فلم ٺهي، پر هو ڪو عام ڦورو به نه هو. “رحمٰن بلوچ” جو نالو نفرت جي بنياد تي هڪ لساني تنظيم طرفان ڏنو ويو. هو آهستي آهستي ڏوهن جي دنيا جو حصو بڻيو ۽ پاڪستان جي هڪ مخصوص ميڊيا کيس ولن جي صورت ۾ پيش ڪيو. جيڪڏهن هو واقعي ولن هجي ها ته سندس جنازي ۾ هزارين ماڻهو شرڪت نه ڪن ها. هو “رابن هوڊ” جهڙو هو يا “گاڊ فادر” جي ان داتا جهڙو ڪردار هو. هن رڳو سيٺن ۽ سرمائيدارن کان ورتو ۽ لياري جي هزارين مستحق ماڻهن جو هٿ پڪڙيو. مون  پنهنجي زندگي ۾ نه ڪڏهن هن کي ڏٺو، نه ڪڏهن ملاقات ٿي، پر سندس شهرت يا بدنامي هر هنڌ عام هئي. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته عبدالرحمٰن بلوچ، عزير بلوچ، ارشد پپو ۽ يام غفار ساسولي (جنهن کي ڪراچي جي پريس “غفار ذڪري” سڏيو) اهي سڀ ڪردار ڪراچي جي اصل رهواسين تي ٿيندڙ ظلم، زيادتي ۽ جبر جي ردعمل طور پيدا ٿيا. ڇو ته اهي سڀ سياسي طور گهڻو باشعور نه هئا، تنهنڪري هنن ڏوهن جو رستو اختيار ڪيو.

. لياري، ڪراچي جي ماءُ ۽ جنم ڀومي، ڊگهي عرصي تائين ڪجهه خاندانن، خاص طور هارونن، جي قبضي هيٺ رهي. شيرو ۽ دادل سندن ڪارندا هئا. پر 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو لياري تي سياسي طور “ڌاڙو” هنيو، جنهن کان پوءِ هر طرف “جيئي ڀٽو” جا نعرا گونجڻ لڳا. لياري ڀٽو صاحب کي وزارت عظميٰ تائين پهچايو. ٻيهر محترمه بينظير ڀٽو به لياري مان ڪامياب ٿي وزيراعظم بڻي. هڪ ڀيرو موجوده صدر آصف علي زرداري به هتان چونڊجي آيو هو، پر بلاول کي لياري مان ديش نڪالي ملي. ان جا ڪيترائي سبب آهن، جن مان هڪ لياري جي نظراندازي به هئي. لياري جنهن وفاداري سان پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو، پيپلزپارٽي ان جو جواب پنهنجائپ سان نه ڏنو.

لياري جي ماڻهن کي سندن جائز حق نه ڏنا ويا، نه ئي کين نوڪرين ۾ حصو مليو. ٻه يونيورسٽيون ضرور ڏنيون ويون، پر “بلوچ” لفظ کي ڄڻ ته شجرِ ممنوعه بڻايو ويو. پيپلزپارٽي جا جيالا ” بجا تير بجا“ تي ديوانگي سان ناچ ڪندا هئا، پر کين اها به خبر نه هئي ته هي ترانو حضرت شاهه بلوچي ٻوليءَ ۾ لکيو هو. هن تراني پيپلزپارٽي کي لکين ووٽ ڏياريا، پر ان جو خالق علاج کان سواءِ ايڙيون رڳڙيندي گذاري ويو، ۽ ڪنهن به سندس سار نه لڌي.

مان جيتوڻيڪ تازو رليز ٿيل ڀارتي فلم ڌريندر نه ڏٺي آهي، پر ان جا ڪجهه ڪلپ ڏٺا آهن. ان ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته پيپلزپارٽي ڪهڙي ريت رحمٰن ڊڪيت کي استعمال ڪيو ۽ پوءِ هڪ بدنام پوليس آفيسر چوڌري اسلم ذريعي جعلي مقابلي ۾ قتل ڪرايو. زرداري جو اڳوڻو دوست، ۽ جنهن دور ۾ رحمٰن بلوچ قتل ٿيو، ذوالفقار مرزا، هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ قبول ڪيو هو ته رحمٰن بلوچ کي هن مرورايو، پر اڄ تائين ڪنهن به ذوالفقار مرزا کان اهو سوال نه ڪيو ته اهو غيرآئيني عمل ڇو ڪيو ويو؟ بعد ۾ ذوالفقار مرزا ۽ فريال تالپور رحمٰن جي جانشين عزير بلوچ سان به لاڳاپا رکيا ۽ سندس گهر وڃي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان تقريب ۾ عزير بلوچ، فريال تالپور کي بلوچ چادر پارائيندي نظر اچي ٿو. فريال تالپور کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هوءَ عظيم بلوچ سپوت ۽ حيدرآباد سازش ڪيس جي اهم ڪردار مير علي بخش خان تالپور جي ننهن آهي، جنهن پنهنجي سڄي زندگي بلوچ تحريڪ لاءِ وقف ڪئي.

خبر ناهي ته فلم ڌريندر ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي يا نه، پر 18 آڪٽوبر 2007ع تي، جڏهن بينظير ڀٽو تي ڪار ساز وٽ ٽي ٽي پي، افغان طالبان ۽ سندن پاڪستاني ساٿين جان ليوا حملو ڪيو، تڏهن رحمٰن بلوچ اڪيلي سر هن کي گاڏي مان ڪڍي محفوظ نموني بلاول هائوس پهچايو. جيڪڏهن ان ڏينهن رحمٰن بلوچ نه هجي ها ته بينظير جي جان راولپنڊي جي ڪمپني باغ کان اڳ ئي هلي وڃي ها. پر رحمٰن بلوچ جي هن احسان جو اهڙو اعتراف نه ڪيو ويو، جهڙو ٿيڻ گهرجي ها؛ بلڪه ان جو صلو کيس موت جي صورت ۾ ڏنو ويو.

مجموعي طور، لياري ۽ ڪراچي جي ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن انتهائي نامساعد حالتن ۾ پيپلزپارٽي کي زندهه رکيو، عسڪري ۽ لساني جماعت ايم ڪيو ايم سان مقابلو ڪري پارٽي کي بچايو. پر پارٽي جي بي اعتنائي سبب مايوسي پکڙجي وئي. ڪراچي جي قديم آبادي پسماندگي، غربت، اونداهي، جهالت ۽ منشيات جي وبا ۾ ٻڏل رهي، ۽ ڪنهن به سنڀال نه ڪئي. نتيجو اهو نڪتو جو پارٽي چيئرمين لياري جي سيٽ تان هارائي ويو. ڌانڌلي پنهنجي جاءِ تي، پر ماڻهو وڏي تعداد ۾ گهرن مان نڪري ووٽ وجهڻ لاءِ ئي نه آيا. ڀارتي فلم مان اهو تاثر ملي ٿو ته لياري گينگ وار جي سرپرستي پيپلزپارٽي ڪئي، ۽ نبيَل گبول ڏانهن به واضح اشارو ڪيو ويو آهي.جيتري قدر فلم جو تعلق آهي، فلم اصل ۾ ڊرامو هوندي آهي، جنهن ۾ حقيقت گهٽ ۽ فڪشن وڌيڪ هوندو آهي، ڇو ته ڪمرشل فلم منافع لاءِ ٺهندي آهي. هيءَ فلم به ڪمرشل آهي. پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته پاڪستان جي ازلي دشمن ڀارت پهريون ڀيرو ڪنهن بلوچ ڪردار تي فلم ٺاهي آهي. ممڪن آهي ته اڳتي هلي اهڙيون ٻيون فلمون به ٺهن. ڌريندر ته هڪ ڏوهاري گينگ جي ڪهاڻي آهي، پر ٿي سگهي ٿو اڳتي سياسي موضوعن تي به فلمون ٺهن، جنهن ڪري ڪجهه تشويش به پيدا ٿئي ٿي.

جيئن ته ڌريندر فلم هڪ پروپيگنڊا آهي ۽ ڀارتي جاسوس جي ڪارنامن تي ٻڌل آهي، پر فلم جو هيرو رحمٰن ڊڪيت کي چوي ٿو: ”ڀاءُ، مون کي پئسو نه گهرجي، بلوچن لاءِ ڪجهه ڪر، ڇو ته بلوچن کي ڪڏهن به حق نه مليا، عزت نه ملي.“ اهو ئي فلم جو پيغام آهي. جيڪڏهن ان ۾ ڪا صداقت آهي ته رياست کي گهرجي ته ان جي ترديد ڪري ۽ بلوچن کي اها عزت ڏئي، جنهن جا هو حقدار آهن.

سوشل ميڊيا ۽ تبصرا نگارن موجب، فلم جو هيرو ته رنوير سنگهه هو، پر ولن اڪشي کنا ڇانئجي ويو، ڇو ته سندس ڪردار طاقتور هو. مڃو يا نه مڃو، بلوچ هڪ طاقتور ڪردار آهي، جنهن جي نفي ڪرڻ سان سماجي، ارتقائي ۽ سياسي مسئلا جنم وٺن ٿا، جن جا اثر رياست جي سڀني شعبن تي پون ٿا. اهڙا مثبت قدم کڻڻ ضروري آهن، جو دشمن کي پروپيگنڊا جو موقعو نه ملي. بلوچن سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ان جا ڪيترائي واقعا ڪراچي جهڙي شهر ۾ ٿي چڪا آهن. ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ڪيترائي ڀيرا بلوچ عورتن جا آنچل ڇڪيا ويا، ۽ عورتن کي رڍن ٻڪرين وانگر پوليس ٽرڪن ۾ ڌڪيو ويو. جڏهن ته ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي، ۽ شهر ۾ پيپلزپارٽي جو وجود به بلوچن جي مرهون منت آهي. ان جي باوجود اهڙو سلوڪ سمجهه کان ٻاهر آهي.

پيپلزپارٽي کي سوچڻ گهرجي ته فارم 47 وارن چونڊن کان هٽي ڪري، ڪراچي جا بلوچ آهستي آهستي ”بجا تير بجا“ جي تراني کان ڇو پري ٿيندا پيا وڃن. سوچڻ گهرجي ته لڳاتار حڪومتن جي باوجود ڪراچي، اوڀر ۽ اولهه جا علائقا ڇو بک، افلاس ۽ زيادتين جو شڪار آهن؟ آخر ڇو چوڌري اسلم جهڙا ڪردار مٿن مڙهيا ويا؟ هي چوڌري اسلم ڪو چوڌري نه هو، پر ضلعي هزارہ جي علائقي مانسهره جو رهواسي هو، جيڪو ڪراچي اچي چوڌري بڻجي ويو. آخر ڇو چوڌري اسلم ۽ رائپ انوار جهڙا ڪردار پيپلزپارٽي لاءِ محترم، جڏهن ته مقامي آبادي لاءِ عذاب بڻيل رهيا؟

پيپلزپارٽي کي پنهنجون پاليسيون تبديل ڪرڻيون پونديون ۽ سنڌ جي بلوچن کي جيئڻ جو حق ڏيڻو پوندو، نه ته پيپلزپارٽي کي پڇتاءُ ٿيندو، ۽ تمام گهڻو پڇتاءُ ٿيندو. جيڪڏهن فلمساز ذوالفقار علي ذولفي جهڙن دانشورن ۽ ڪهاڻي نويسن کان رهنمائي وٺن، ته پوءِ فڪشن بدران حقيقي ڪهاڻين تي فلمون ٺهنديون، جن جا نتيجا حڪمرانن لاءِ ڏينهن جو تارا ڏيکاريندا. جيڪڏهن پيپلزپارٽي ۾ سٺن ماڻهن جي قدر هجي ها، ته اڪرم بلوچ ۽ ذوالفي کي پرديس ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور نه ٿيڻو پوي ها.

پيپلزپارٽي جي دور ۾ سنڌ ۾ جيڪو “ثقافتي نسل ڪشي” (ڪلچرل جينوسائيڊ) ٿي رهي آهي، اها ناقابلِ برداشت آهي. تمام جلد ان جو منفي ردعمل سامهون ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.