ميسيڪو (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو جي شهر تولوڪا ۾ ننڍو جهاز هنگامي لينڊنگ جي ڪوشش دوران ڪِري تباهه ٿيڻ سبب 7 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
ميڪسيڪو اسٽيٽ جي سول پروٽيڪشن اختيارين موجب ننڍو نجي جهاز اڪاپولڪو کان تولوڪا لاءِ روانو ٿيو هو، جنهن ۾ 8 مسافر ۽ 2 عملي جا ميمبر سوار هئا.
جهاز فٽبال گرائونڊ تي لهڻ جي ڪوشش دوران ويجهي گودام جي ڇت سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ باهه ڀڙڪي پئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جهاز جي ملبي مان 7 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته ريسڪيو آپريشن جاري آهي.
You might also like