سنڌ حڪومت عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 25 ڊسمبر سان گڏ ڪرسمس جي موقعي تي عيسائي برادري لاءِ 26 ڊسمبر تي به عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪرسمس جي موقعي تي رڳو عيسائي برادري لاءِ 26 ڊسمبر 2025 تي به عام موڪل هوندي.
ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت 25 ڊسمبر تي قائداعظم جي جنم ڏينهن ۽ ڪرسمس جي مناسبت سان عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.