ڪتي رت عطيو ڪري 7 ڪتن جي حياتي بچائي ورتي

اسان اڪثر انسانن کي رت عطيو ڪري حياتيون بچائيندي ڏٺو آهي پر جانور به هڪٻئي لاءِ لائف سيور هوندا آهن.
ڀارتي رياست تلنگانا جي ضلعي کمم جي ڊسٽرڪٽ وٽرنري اسپتال ۾ رهندڙ ڪتو ان وقت خبرن جي زينت بڻيل آهي، جنهن رت عطيو ڪري نه رڳو سڀني کي حيران ڪيو پر حياتيون به بچايون.
ڀارتي ميڊيا موجب تقريبن هڪ سال اڳ پلي نالي ڪتو وٽرنري اسپتال ڀرسان بيمار، ڪمزور ۽ لاوارث حالت ۾ هٿ آيو، بگڙندڙ حالت ڏسي عملي ان جو علاج شروع ڪيو ته هو مناسب غذا ۽ سار سنڀال سان هوريان هوريان صحتياب ٿيڻ لڳو.
ڪتي صحتياب ٿيڻ کانپوءِ به اسپتال کي نه ڇڏيو پر ان ئي احاطي ۾ ئي رهڻ لڳو، وقت گذارڻ سان هو ڊاڪٽرن، نرسن ۽ عملي جي ويجهو ٿي ويو.
ڊاڪٽرن مشاهدو ڪيو ته ڪتو نه رڳو صحتمند ٿي ويو آهي پر پرسڪون ۽ سٺو ورتاءُ به ڪرڻ لڳو آهي، جنهن سبب هو هڪ بهترين رت عطيو ڏيندڙ بڻجي ويو.
ڊسٽرڪٽ وٽرنري آفيسرز ڊاڪٽر سرينواس رائو ۽ ڊاڪٽر ڪشور موجب پلي هيل تائين 7 ڀيرا رت عطيو ڪري چڪو آهي.
هنن ٻڌايو ته هر هڪ عطيو هنگامي حالتن دوران ڏنو ويو، جڏهن زخمي يا سخت بيمار ڪتن کي جيئرو رکڻ لاءِ فوري طور رت جي منتقلي جي ضرورت هئي، انهن معاملن ۾ پلي جو رت زندگي بچائيندڙ ثابت ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.