چالان کان بچڻ لاءِ جعلي نمبر جو استعمال ڪندڙ خبردار، ڪراچي پوليس چيف وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍي چيو آهي ته اطلاع آهن چالان کان بچڻ لاءِ جعلي نمبر پليٽن جو استعمال شروع ٿي ويو آهي، شهر ۾ جعلي نمبر پليٽن خلاف وڏي پيماني تي مهم شروع ڪري رهيا آهيون.
سي پي ايل سي چيف ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد عالم اوڍي چيو ته جڏهن کان اي چالان شروع ٿيا آهن ته ٽريفڪ جي نظام ۾ بهتري آئي آهي ۽ هيل تائين تقريبن هڪ لک چالان ٿي چڪا آهن.
هن چيو ته چالان کان بچڻ لاءِ جعلي نمبر پليٽ جو استعمال شروع ٿي ويو آهي، جعلي نمبر پليٽن جي استعمال خلاف 19 ڊسمبر کان وڏي مهم شروع ڪري رهيا آهيون، ان ۾ ايڪسائز کاتو به اسان سان گڏ هوندو.
سندس چوڻ هو ته اهم روڊن تي ايڪسائز جو عملو مقرر هوندو، ٽيمپرڊ پليٽ تي گاڏي به بند ٿيندي ۽ ڪيس به داخل ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.