باجوڙ (ويب ڊيسڪ) باجوڙ جي تعلقي سالارزئي جي علائقي تنگي ۾ شرپسندن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ پوليس اهلڪار سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا.
پوليس ٻڌايو ته پوليو ٽيم ٻارن کي ڦڙا پيئارڻ ۾ مصروف هئي ته اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ واهٽڙو مارجي ويو، جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
You might also like