ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ملير جناح اوينيو ڀرسان تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ هڪ موٽر سائيڪل سوار فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن ڊمپر ۽ هڪ مسافر ڪوچ ريس لڳائي رهيا هئا، تيز رفتاري دوران مسافر ڪوچ هڪ ڪار کي ٽڪر هنيو، جڏهن ته ڊمپر موٽر سائيڪل تي چڙهي ويو.
پوليس ٻڌايو ته موٽر سائيڪل تي 3 ڄڻا سوار هئا، حادثي ۾ هڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، ٻيو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته هڪ ڄڻو محفوظ رهيو.
پوليس موجب حادثي ۾ ڪار کي به نقصان پهتو پر ڊرائيور محفوظ رهيو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ ڊمپر ڊرائيور فرار ٿي ويو.
پوليس ڊمپر ۽ ان جي ڪنڊيڪٽر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
You might also like