روم (ويب ڊيسڪ) اطالوي وزيراعظم جورجيا ميلوني ۽ موزمبيق جي صدر ڊينيئل چاپو جي ملاقات جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.
اها ملاقات روم ۾ ٿي، جتي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ قد جو غير معمولي فرق سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو.
ملاقات ۾ توانائي، واپار ۽ ٻه طرفي سهڪار جهڙي اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيون پر سياسي ايجنڊا بدران ٻنهي اڳواڻن جي قد جو فرق خبرن ۽ سوشل ميڊيا تي وڌيڪ بحث هيٺ رهيو.
ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات جو لمحو جڏهن ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪيو ويو ته جورجيا ميلوني جي چهري تي حيرت جا تاثر نظر آيا.
واضح رهي ته ڊينيئل چاپو جو قد 6 فوٽ 8 انچ ۽ جورجيا ميلوني جو قد 5 فوٽ 2 انچ آهي.
Prev Post
You might also like