ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار دبنگ خان سلمان خان چيو آهي ته هو پاڻ کي عظيم اداڪار نٿو سمجهي.
سلمان خان جدي ۾ ريڊ سي فلم فيسٽيول 2025ع ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران هن پنهنجي اداڪاري جي خوبين ۽ صلاحيتن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
هن پنهنجي اداڪاري بابت دلچسپ انداز ۾ چيو ته ”مان پاڻ کي عظيم اداڪار نٿو سمجهان، ڏسندڙ منهنجون خاميون پڪڙي سگهن ٿا، پر توهان مون کي اداڪاري ڪندي پڪڙي نٿا سگهو، ڇو ته مان اداڪاري ڪري ئي نٿو سگهان.“
هن وڌيڪ چيو ته هو اسڪرين تي رڳو اهو ڪندو آهي جيڪو ان وقت محسوس ڪندو آهي.
You might also like