لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ علامه راشد محمود سومري چيو آهي ته بهار جي وڏي وزير طرفان مسلمان عورت جو نقاب لاهڻ جو واقعو ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ انهن مان اهڙي ئي اميد ڪري سگهجي ٿي.
پنهنجي بيان ۾ راشد محمود سومري چيو ته نريندر مودي اقتدار ۾ آيو آهي، ڀارت ۾ مسلمانن خلاف ظلم جو سلسلو جاري آهي ۽ اهو واقعو به ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي.
هن چيو ته اهو قدم عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ انساني حقن جي پامالي آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، اهو واقعو مودي حڪومت ۽ ان جي تعصباڻي ايجنڊا جي واضح عڪاسي ڪري ٿو.
مسلمان عورت جو نقاب لاهڻ مودي سرڪار جي ايجنڊا جي واضح عڪاسي آهي: راشد محمود سومرو
Next Post
You might also like