دبئي (ويب ديسڪ) پاڪستان گڏيل عرب امارتن کي 70 رنسن تان هارائي انڊر19 ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
دبئي ۾ کيڏيل آخري گروپ ميچ ۾ پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 241 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان جي احمد حسين 65 ۽ سمير منھاس 44 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا، جڏهن ته حمزه ظهور به 42 رنسن جي اننگز کيڏي.
يو اي اي جي يوگ شرما 3 ۽ نسيم خان 2 وڪيٽون ورتيون.
پاڪستان طرفان ڏنل 242 رنسن جي هدف جي جواب ۾ يو اي اي 38هين اوور ۾ 171 تي آل آئوٽ ٿي وئي، ايان مصباح 77 رنسون ٺاهيون جڏهن ته پرٿوي مڌو 27 رنسن جي اننگز کيڏي.
پاڪستان طرفان عبدالسبحان شاندار بالنگ ڪندي چئن رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.
You might also like