هوائي سفر جي دنيا ۾ هڪ نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو، جنهن ۾ چين جي هڪ ايئر لائن چين کان ارجنٽينا تائين دنيا جي سڀ کان ڊگهي واپاري اڏام جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اهو سفر مجموعي طور تي 29 ڪلاڪن تي ٻڌل آهي.
چين ايسٽرن ايئرلائنز جي اها اڏام شنگهائي کان رواني ٿي ارجنٽينا جي تخت گاهه بيونس آئرس پهچندي آهي پر رستي ۾ نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ مختصر وقفو ڪيو ويندو آهي، جتي جهاز کي ٻارڻ فراهم ڪيو ويندو آهي ۽ عملو تبديل ڪيو ويندو آهي، ائين اها اڏام توڙي جو نان اسٽاپ ناهي پر دورانيي جي لحاظ سان دنيا جي ڊگهي ترين ڪمرشل اڏام بڻجي چڪي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب افتتاحي اڏام 4 ڊسمبر تي شنگهائي کان رواني ٿي ۽ مقرر وقت کان ڪجهه اڳ بيونس آئرس پهچي وئي، اهو روٽ تقريبن 12 هزار 400 ميل تي ٻڌل آهي، جيڪو زمين جي اڌ گهيري جي برابر فاصلو ٿئي ٿو.
ايئرلائن انتظاميا جو چوڻ آهي ته ان نئين اڏام سان ايشيا ۽ ڏکڻ آمريڪا وچ ۾ سفري خال گهٽجندو ۽ ٽن کنڊن کي جوڙيندڙ هڪ نئون فضائي رستو قائم ٿيندو، اها سروس خاص طور تي ارجنٽينا ۾ رهندڙ اوڀر ايشيائي برادري لاءِ فائديمند ثابت ٿيڻ جي اميد آهي.
اها اڏام جديد بوئنگ 300ER-777 جهاز ذريعي هفتي ۾ ٻه ڀيرا هلائي پئي وڃي.
ماهرن موجب اهو قدم ان ڳالهه جي علامت آهي ته ايئرلائنز انتهائي ڊگهي فضائي سفر جي حدن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي چڪيون آهن.
ساڍا 12 هزار ميل پنڌ، 29 ڪلاڪن جو سفر، دنيا جي ڊگهي ترين اڏام جي شروعات ٿي وئي
You might also like