ڀارتي اداڪارا پهلگام حملي کي ڀارت جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽي وي سيريل ”ڪيون ڪي ساس ڀي ڪڀي بهو ٿي“ سبب شهرت ماڻيندڙ اداڪارا جيا ڀٽاچاريا هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻجي وئي.
اداڪارا جي هڪ پراڻي وڊيو ٻيهر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هن ڀارتي حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ تي سخت تنقيد ڪندي پهلگام حملي کي مبينا طور هڪ ”سازش“ قرار ڏنو هو.
جيا ڀٽاچاريا وڊيو ۾ پهلگام حملي دوران سيڪيورٽي ۾ مبينا ڪوتاهي تي سخت ردعمل ڏنو.
هن ان وقعي کي هڪ منظم سازش قرار ڏيندي حڪومت کان جواب طلب ڪيو هو.
اداڪار چيو ته دهلي ۾ روڊ جي ڪتن جي حمايت ۾ احتجاج ڪندڙن لاءِ جيتري سيڪيورٽي لڳائي وئي، جيڪڏهن ايتري ئي سيڪيورٽي اتي لڳائي وڃي ها ته شايد ماڻهو نه مارجن ها يا وري اهو به ڪنهن سازش جو حصو آهي؟ جواب ڏيو.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪلهي تي بندوق رکي شڪار ڪيو پيو وڃي، اسان کي ٻڌايو حڪومت ڪنهن سان ڪاروبار ڪري رهي آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.