ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا راکي ساونت بهار جي وڏي وزير نتيش ڪمار جي هڪ مسلمان عورت جو حجاب لاهڻ واري واقعي تي سخت تنقيد ڪئي ۽ وڏي وزير کان عوامي معافي جو مطالبو ڪيو آهي.
اداڪارا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو ته ”نتيش ڪمار هي ڇا؟ توهان هڪ مسلمان عورت کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ سڏائي سندس عزت افزائي ڪري رهيا آهيو، وري سندس حجاب سان هٿ چراند ڪري رهيا آهيو. ڇا توهان کي مسلم ثقافت ۽ حساسيت جي ڄاڻ ناهي؟“
راکي ساونت چيو ته ”اسلام ۾ عورتن جو پردو هڪ مقدس عمل آهي ۽ ڪنهن کي به ڇُهڻ جو حق ناهي.“
هن چيو ته ”هڪ پاسي توهان عزت ڏيڻ جي ڳالهه ڪندا آهيو ۽ ٻئي پاسي وري بيعزتي ڪريو ٿا، توهان کي شرم نٿو اچي؟“
اداڪارا وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته هو ميڊيا جي سامهون ان عورت کان معافي وٺي، ڇو ته عورت سان ظلم ۽ عزت ۽ برقعي سان هٿ چراند برادشت جوڳو عمل ناهي.
واضح رهي ته اهو واقعو ڀارتي رياست بهار جي راڄڌاني پٽنا ۾ هڪ سرڪاري تقريب دوران پيش آيو، جتي وڏي وزير نتيش ڪمار هڪ مسلم عورت ڊاڪٽر جو حجاب زوري لاهڻ جي ڪوشش ڪئي.
ان واقعي کانپوءِ عوامي سطح تي سخت ردعمل سامهون آيو ۽ هاڻي ڀارت ۾ وڏي وزير جي ترت استعيفيٰ جو مطالبو زور وٺي رهيو آهي.
”اسلام ۾ عورت جو پردو مقدس آهي، ڪنهن کي به ڇُهڻ جو حق ناهي“، راکي ساونت جو بهار واقعي تي ردعمل
You might also like