پوليس موبائل ۽ ريل گاڏي ۾ ٽڪر، ٻه اهلڪار فوت، 3 زخمي

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) سرگوڌا ۾ پوليس موبائل ريل گاڏي سان ٽڪرائجڻ سبب ٻه اهلڪار فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
ايس پي يو جا اهلڪار معمول جي گشت تي هئا ته اوچتو انهن جي پوليس موبائل ريل گاڏي سان ٽڪرائجي وئي.
ترجمان موجب حادثي ۾ ٻه اهلڪار فوت ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
هوڏانهن آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ايس پي يو کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
هن چيو ته پنجاب پوليس فوتي اهلڪارن جي وارثن جي هر ممڪن مدد ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.