”فوتگي تي کاڌو پچائڻ تي پابندي“ پنجاب حڪومت جو موقف اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ انهن خبرن جي ترديد ڪئي آهي ته پنجاب حڪومت فوتگي جي موقعي تي کاڌو پچائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اهي خبرون سامهون آيون هيون ته پنجاب حڪومت صوبي ۾ فوتگي جي موقعي تي کاڌو پچائڻ، ورهاڻ ۽ دعوتي تقريبن جو اهتمام ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ان قدم جو مقصد ڏکويل خاندانن تان غير ضروري بار گهٽائڻ ۽ سوڳ جي موقعي تي سادگي کي هٿي ڏيڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.