رحيم يار خان (م ڊ) رحيم يار خان جي علائقي ڪوٽ سمابا ۾ پوليس مقابلي دوران 5 ڌاڙيل مارجي ويا آهن، ڊي پي او عرفان علي سمون موجب ڌاڙيل هڪ شهري کان 6 لک رپيا ڦر ڪري ڪوٽ سمابا طرف فرار ٿي رهيا هئا، جنهن دوران پوليس سان مقابلو ٿيو ۽ نتيجي ۾ 5 ڌاڙيل مارجي ويا، ڊي پي او عرفان علي سمون ٻڌايو ته مارجي ويل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي، جڏهن ته ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي.
-
سنڌ ۾ ٻه يا ٽي انتظامي يونٽ ٺهڻ گهرجن: محمود مولوي
ڪراچي(رپورٽر)سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمود مولوي چيو آهي ته فيض حميد کان “فيض ياب” ٿيندڙن لاءِ هاڻ ڪا سٺي خبر ناهي۔محمود مولوي سابق گورنر عمران اسماعيل سان گڏ پريسڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔هن چيو ته پي ٽي آءِ فيض حميد مان ڀرپور فائدو ورتو، ۽ انهيءَ شخص جي ڪري ادارن کي نقصان پهتو، پر هاڻ سڀني جو احتساب ٿيندو۔محمود مولوي وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي۔هن چيو ته ملڪ ۾ نون انتظامي يونٽن بابت ڳالهه ٿي رهي آهي، پر ڪجهه ماڻهو ان جي مخالفت ڪري رهيا آهن، جيڪا درست ناهي، ڇو ته پنجاب ۾ ته پيپلز پارٽي پاڻ نئين صوبي لاءِ قرارداد پيش ڪئي هئي۔محمود مولوي چيو ته ملڪ جي آبادي وڌي چڪي آهي، تنهن ڪري نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ اڻٽر آهن۔ جيڪڏهن سنڌ ۾ ٻه يا ٽي انتظامي يونٽ ٺهن ٿا ته ان ۾ ڪو به حرج ناهي۔
-
ڊاڪٽر وردا قتل ڪيس جو مک جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو
پشاور (م ڊ) خيبر پختونخوا پوليس جي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) چيو آهي ته ايبٽ آباد ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر وردا جي ڪيس ۾ مک جوابدار شمريز پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. ءِ جي موجب، جوابدار فرار هو پر ٽيم محنت ڪئي، ڪيس ۾ نامزد ٻيا جوابدار اڳ ئي گرفتار آهن. ياد رهي ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ايبٽ آباد جي ڊاڪٽر وردا مشتاق گذريل هفتي اغوا بعد قتل ڪئي وئي هئي.
-
پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان
اسلام آباد(بيورو) وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾گهٽتائي ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، تفصيل موجب بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ منفي رجحان جاري رهڻ سببوفاقي حڪومت طرفان 16 ڊسمبر 2025 کان شروع ٿيندڙ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، رپورٽ موجب پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 36 پئسا معمولي گهٽتائي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 11.85 رپيا گهٽتائي جو امڪان آهي،واضح رهي ته ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جون نيون قيمتون سڀاڻي کان لاڳو ٿينديون.