پوليو خاتمي واري مهم جي ڪاميابي گڏيل ذميواري آهي:آصفه ڀٽو

اسلام آباد (بيورو) خاتونِ اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري والدين، سرپرستن، عوامي نمائندن ۽ ڪميونٽي اڳواڻن تي زور ڏنو آهي ته هو 15 کان 21 ڊسمبر 2025 تائين ملڪ جي سڀني صوبن ۽ علائقن ۾ شروع ٿيندڙ قومي انسدادِ پوليو ويڪسين مهم جي ڀرپور حمايت ڪن. هن چيو ته هن مهم جي ڪاميابي گڏيل ذميواري سان ڳنڍيل آهي ۽ خاندانن کي اپيل ڪئي ته پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پياريا وڃن. هن مهم دوران سڄي ملڪ ۾ 45.4 ملين ٻارن کي ويڪسين پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پنجاب ۾ 23.3 ملين، سنڌ ۾ 10.6 ملين، خيبرپختونخواهه ۾ 7.3 ملين ۽ بلوچستان ۾ 2.66 ملين ٻار شامل آهن، جڏهن ته باقي ٻارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ ڪور ڪيو ويندو. سرحد پار وائرس جي منتقلي روڪڻ لاءِ هي مهم افغانستان جي ڊسمبر واري پوليو مهم سان هم آهنگ ڪري هلائي پئي وڃي. هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد کي ياد ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ پهرين قومي انسدادِ پوليو مهم 1994ع ۾ سندن قيادت هيٺ شروع ڪئي وئي هئي، ۽ سندن ويزن اڄ به هن بيماري جي خاتمي لاءِ قومي ڪوششن جي رهنمائي ڪري رهيو آهي.  بي بي آصفا ڀٽو زرداري چونڊيل نمائندن، مقامي حڪومتن جي عهديدارن، مذهبي اڳواڻن ۽ ڪميونٽي جي معززين کان پڻ اپيل ڪئي ته هو پوليو ٽيمن جو ساٿ ڏين، ڪميونٽين تائين رسائي ۾ سهولت فراهم ڪن ۽ غلط ڄاڻ ۽ هچڪچاهٽ جي خاتمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.