سنڌ سرڪار جون کليل ڪچهريون:عوام جي تذليل، حڪومتي نمائندا وائکا؟

هيوسٽن(شوڪت  زرداري) سنڌ سرڪار ڪافي وقت کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ کليل ڪچهريون شروع ڪيون آهن۔ انهن ۾ سنڌ ڪابينا جا مختلف وزير، صلاحڪار ۽ اهم عملدار مختلف ضلعن ۾ وڃي عوام جون شڪايتون ٻڌي رهيا آهن۔پر انهن شڪايتن جو ڪو خاص ازالو ته نٿو ٿئي، البت حڪومت پاڻ وڏي نموني سان وائکي ٿي رهي آهي۔ اهڙيون ٻه چار کليل ڪچهريون ميڊيا ۾ ان ڪري نمايان ٿيون جو اتي موجود وزيرن ڪنهن پوليس واري، ڊي سي يا ڪنهن به ضلعي جي اداري جي سربراهه کان نه پڇاڻو ڪيو، نه ڪا وارننگ ڏني، نه اهو چيو ته ويهي ماڻهن جا مسئلا حل ڪيو۔ کليل ڪچهرين واري باب ۾ سنڌ ڪابينا جي نااهلي صاف ظاهر ٿي وئي آهي۔ ۽ مزيدار ڳالهه اها آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اسين اهو به سوچيون ٿا ته شايد حڪومت هن ڀيري سچي نيت سان ڪو سٺو ڪم ڪري رهي هجي، شايد واقعي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ چاهي۔پر اهي کليل ڪچهريون اصل ۾ بجيٽ کائڻ جو هڪ طريقو آهن،اوهان ڏٺو هوندو ته سجاول ۾ هڪ واقعي دوران هڪ سائل تي سخت تشدد ڪيو ويو۔ اڄ وري گهوٽڪي ۾ هڪ وڪيل بابل ڀيو سان مخاطب ٿي سوال ڪيو ته  بابل ڀيو پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته ”مان 8 قومن جو سردار آهيان“۔هي سڀ ڪجهه هڪ مذاق ۽ تماشو آهي۔ پهرين ڳالهه ته جنهن ماڻهو کي وزيراعليٰ سنڌ نمائندو بڻائي موڪلي ٿو، ان کي قوم ۽ ذات جو فرق به معلوم ناهي۔ پاڪستان ۾ ڏهه قومون ناهن، پاڪستان هڪ وفاق آهي جنهن ۾ سنڌي، پنجابي، بلوچ ۽ پٺاڻ قومون آهن، ۽ انهن قومن اندر ذاتيون آهن۔انهن کليل ڪچهريُن ۾ حڪومت پاڻ کي ايڪسپوز ڪيو آهي۔ ماڻهو روزگار گهري رهيا آهن، آءِ بي اي پاس اميدوار، ويٽنگ ٽيچرز، فوتي ڪوٽا وارا، پوليس جا ويٽنگ اميدوار ــ سڀ پنهنجو حق گهري رهيا آهن۔سترهن سالن کان اقتدار ۾ هئڻ باوجود، ڪروڙين ۽ کربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود، عام سنڌي اڄ به چوي ٿو ته منهنجي گهٽي ناهي ٺهيل، ناليون کليل آهن، اسپتالن ۾ دوائون ناهن، اسڪول بند پيا آهن۔ اهي بنيادي انساني ضرورتون آهن۔ٿر جا واٽر پروجيڪٽ تقريباً 95 سيڪڙو ناڪاره ٿي چڪا آهن۔ پيئڻ جي پاڻي جا سٺا منصوبا ڪاغذن ۾ ته هئا، پر هيٺ ڪا شئي ناهي،اهي سردار نه روڊ ٺاهي سگهن ٿا، نه اسپتال درست ڪري سگهن ٿا، نه اسڪول کولڻ چاهين ٿا، ڇو ته پڙهيل ٻار سوال ڪندو، ۽ سوال انهن کي پسند ناهي۔سنڌ جي هر کليل ڪچهري ۾ ساڳيا سوال آهن صحت ناهي، ڊاڪٽر ناهن، اسڪول بند آهن، استاد نٿا اچن، صاف پيئڻ جو پاڻي ناهي۔

8 قومن جي سردار جو پنهنجو ضلعو بدامني جو مرڪز آهي

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ  سنڌ حڪومت طرفان ڪوٺايل کليل ڪچهرين ۾ عوام جا مسئلا ٻڌڻ بدران سندن تذليل واري عمل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پ پ گذريل17 سالن کان لاڳيتو سنڌ ۾ اقتدارجا مزا ماڻي رهي آهي، پر عوام اڄ به صاف پاڻي، صحت،تعليم ۽ روزگار جهڙين بنيادي سهولتن کان به محروم آهي، تيل، گئس، بجلي ۽ ڪوئلي توڙي زراعت جي دولت سان مالا مال هجڻ باوجود سنڌ جو عوام نااهل قيادت جي ڪري بُک، بدحالي جو شڪار ۽ بنيادي انساني حقن کان به محروم بڻيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو عوام حڪومتي کليل ڪچهرين ۾ وزيرن، مشيرن ۽ صلاحڪارن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن. بيان ۾ وڌيڪ هن چيو ته 08 قومن جو سردار صوبائي صلاحڪار جو پنهنجي گهر سميت پورو ضلعو بدامني، ڌاڙيل راڄ جو مرڪز بڻيل آهي، سڄي ضلعي جو عوام رات توڙي ڏينهن جو غير محفوظ آهي. کليل ڪچهريون سٺو سنوڻ هجڻ سان گڏ حڪومتي ۽ انتظامي طور ناڪامي جو چٽو مثال آهن. جيڪڏهن مقامي سطح تي عوام جا مسئلا حل ڪيا وڃن ته کليل ڪچهرين ۾ وقت ۽ پئسي جو زيان ڇو ٿئي.

بابل ڀيو کي ڀلي ڳالهه نه وڻي پر سنڌ لاءِ ڳالهائيندا رهنداسين: وڪيل

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) گهوٽڪي ۾ کليل ڪچهري دوران پ پ اڳواڻ سردار بابل خان ڀيو کان سوال ڪندڙ وڪيل عمار دايو هڪ انٽرويو دوران چيو ته مون ڪا ايڏي وڏي ڳالهه نه ڪئي، مون ڪجهه بنيادي ڳالهيون ڪيون، ضلعي گهوٽڪي جا جيڪي بنيادي مسئلا آهن انهن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سڀ کان پهريان بابل سي ايم سنڌ جواسپيشل اسسٽنٽ آهي ۽ هو اسپتالن جي حوالي سان دوري تي نڪتل هو ته ڪهڙيون شڪايتون آهن ضلعي جي اندر، ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جيڪا آهي ميرپورماٿيلو جي اندر، اتان جو جيڪو ان ۾ ڊي ايڇ او آهي ان ڳالهه ته بابا پنج هزار آپريشن ٿيا آهن 22 سئو ڊائلاسز ٿيا آهن، ان تي مون چيو ته اهڙو ڪجهه به نه ٿيو آهي، اسان کي خبر آهي، اسان کي شڪايتون ملنديون رهنديون آهن، ٻه ٽي ڏينهن اڳ اسان جو دوست هڪڙو آهي اهو به لائيوڪري رهيو آهي ته اتي 10هين وڳي اُتي ڪو به ڊاڪٽر موجود نه هو، صرف هڪڙي ڊاڪٽر جي، سو اها ڀينگ لڳي پئي آهي، اها حالت آهي صحت جي، وڪيل جو چوڻ هو ته ان کانسواءِ مون هڪ صوبائي وزير کي ثبوت ڏيکاريا بلڪل، رات جيڪو آهي ڪالهه رات جيڪو آهي قيمتي وڻن جي واڍي ٿي آهي جنهن ۾ اوهان جو جيڪو آهي ضلعي جو عملو اهو ملوث آهي، ان کانسواءِ مون ان کان سوال ڪيو ته بابا اوهان سي ايم سنڌ جا اسپيشل صلاحڪار آهيو اوهان وڃي وڏي وزير کي ڳالهه ڪيو ته اسان جي ضلعي جي اندر يونيورسٽي ناهي، ايڏو رچ ضلعو آهي، ملٽي نيشنل ڪمپنيز آهن، ريسورسز آهن، پيٽرول ٿو نڪري، گئس ٿي نڪري، ان باوجود به يونيورسٽي ناهي، صحيح اسپتالون ناهن، هن چيو ته آخر عوام ڪيڏانهن وڃي ڪنهن کي دانهن ڏيئي، هي اسان جا بنيادي مسئلا آهن جيڪڏهن مان سمجهان ٿو ته انهن کي بجاءِ ڪاوڙ ڪرڻ جي 8 قومن جو سردار، سائين هاڻ ڳالهه اها آهي ته پهريان ته هنن کي خبر قوم ڇا ٿيندي آهي، قبيلو ڇا ٿيندو آهي، ته قوم سنڌي آهي، هي جيڪي به آهن اهي قبيلا آهن سائين ڀلي  8 قومن جو سردار هجي، 10 قومن جو سردار هجي يا قبيلن جو سردار هجي پر ڳالهه اها آهي ته اسان سنڌ جا خادم آهيون، سنڌ جا خادم آهيون سڄي سنڌ اسان جي آ، اسان سنڌ جا عشق آهيون، اسان سنڌ جا سپاهي آهيون، جيڪڏهن سنڌ ڌرتي جي ماڻهن سان ظلم ٿيندو ته اسان ان تي ڳالهائينداسين ان سان گڏوگڏ مون ان کان اهو به سوال ڪيو ته ضلعي گهوٽڪي جو پاڻي خراب ٿي رهيو آهي ان باري ۾ سنڌ حڪومت جيڪا آهي انتهائي خاموش ڇا پر سنجيده ناهي، ملٽي نيشنل ڪمپيون اهو پاڻي جر ۾ ڇڏي رهيون آهن ان جي ڪري جر تباهه ٿي رهيو آهي، پاڻي خراب ٿي رهيو آهي، مون بنيادي مسئلن تي ڳالهايو، ان کي اها ڳالهه ناهي وڻي پر ادا اها ڳالهه اسان ڪندا رهنداسين سنڌ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ ڳالهائيندا رهنداسين، جيستائين سسئي ۾ ساهه آهي سنڌ جي حقن لاءِ ڳالهائينداسين رهنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.