عمران خان جو جيل مان پيغام آيو آهي ته آزادي يا موت\سهيل آفريدي

ڪوهاٽ (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي تحريڪ انصاف جي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان هن ڀيري اسلام آباد وينداسين ته يا ته ڪفن ۾ اينداسين يا ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته عمران خان جو جيل مان پيغام آيو آهي ته آزادي يا موت، هن ڀيري جيڪڏهن اسان وينداسين ته يا ته ڪفن ۾ واپس اينداسين يا آزادي آڻينداسين. محمود اچڪزئي وٽ ڳالهين يا احتجاج جو آپشن آهي، ۽ جڏهن به هو فون ڪندو ته اسان ان جي حمايت ڪنداسين، مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو ويو آهي. هن چيو ته مينڊيٽ چور وزيراعليٰ پنجاب جي صلاحن کي نظرانداز ڪنداسين، پاليسي عمران خان جي هلندي. سهيل آفريدي تعليم کاتي ۾ 16000 ڀرتين جو ذڪر ڪندي ميڊيا کي چئلينج ڪيو ته جيڪڏهن هڪ به ڀرتي ميرٽ کان سواءِ ڏيکاري وئي ته هو استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.