حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نثار کهڙو چيو آهي ته 28 هين ترميم اڃا ڄائي ئي نه آهي. ڪيئن چئون ته اها ناني مهانڊي آهي. 18هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ ۽ نون صوبن جو پرپوزل 27 هين ترميم ۾ به هيو پر اسان اهو قبولڻ کان انڪار ڪري ملڪ کي نقصان کان بچايو. اسان اين ايف سي ايوارڊ جو به تحفظ ڪيو. 27هين ترميم ۾ تعليم صوبن کان واپس وٺڻ سميت الائي ڪيتريون ڳالهيون شامل هيون. جن تي اسان اعتراض ڪيو ۽ اسان جي ڳالهه تسليم ڪئي وئي. اهڙو اظهار هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي جي سلسلي ۾ حيدرآباد ضلعي جي جنرل سيڪريٽري وسيم راجپوت جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان کي جمهوريت جي رستي تي آندو ۽ پيپلز پارٽي هن جمهوري جدوجهد لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ لاش کنيا. هن چيو ته پاڪستان عوام ٺاهيو هو، اهو ڪنهن فتح ذريعي نه ڏنو هو ۽ پيپلز پارٽي جو واضح نعرو آهي ته پاڪستان ۾ طاقت جو سرچشمو صرف عوام آهي. هن چيو ته حڪومت ۾ نه هجڻ جي باوجود پيپلز پارٽي پنهنجو آئيني ۽ جمهوري ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان وٽ پنهنجي موقف کي مڃائڻ لاءِ ڪافي سياسي طاقت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي جو تاثر ڏنو ويندو آهي، پر حقيقت اها آهي ته اڄ به عوام کي ووٽ ڏيڻ جو حق آهي. ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي کي ڪنهن به حالت ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته اهو عوامي راءِ جي توهين آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جو ڪم قانون ٺاهڻ آهي ۽ اها جڏهن چاهي آئيني ترميمون ڪري سگهي ٿي، 26هين ۽ 27 هين ترميم متفقه طور تي منظور ڪيون ويون. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي دور ۾ عدالتي سرگرمي جي ڪري لکين ڪيس التوا ۾ رهيا، جڏهن ته آئيني بينچون ٺاهڻ هڪ سٺو قدم آهي ته جيئن جج پنهنجو ڪم ڪري سگهن ۽ انصاف جي فراهمي کي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو سياسي قد وڌي رهيو آهي، شايد ڪنهن کي سندس پنجاب جو دورو ناگوار لڳو هجي. 28 هين ترميم جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته هي ترميم اڃا وجود ۾ نه آئي آهي، ڪو ان تي راءِ ڪيئن ڏئي سگهي ٿو. امن امان بابت ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته جيڪڏهن صورتحال خراب آهي ته وفاقي حڪومت کي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. نيشنل ايڪشن پلان تحت ٻنهي پارليامينٽ فورسز آپريشن جي اجازت ڏني هئي. هن چيو ته اي پي ايس تي حملو خيبر پختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران ٿيو، معصوم ٻارن جي قتل کي ڪنهن به حالت ۾ وساري نٿو سگهجي. هن چيو ته فوج پاڻ چيو هو ته اها غير جانبدار رهندي ۽ سڄي قوم ان شخص جي ڪارنامن کان واقف آهي. جنهن کي سزا ٻڌائي وئي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي سلسلي ۾ حيدرآباد ضلعي جي جنرل سيڪريٽري وسيم راجپوت جي رهائشگاهه راجپوت هائوس ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جو گڏيل اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ پ پ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري همايون خان، مولابخش چانڊيو، حيدرآباد ڊويزن جي صدر عاجز ڌامراهه، پ پ سنڌ جي ڪوآرڊينيشن سيڪريٽري نعمان شيخ. سرفراز راڄڙ، وائيس چيئرمين سنڌ جنرل سيڪريٽري گيانچند اسراڻي، ميرپورخاص ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، جاويد ناياب لغاري، ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو. عبدالرشيد خان شاهنواز، عبدالعزيز خان راجپوت، عبدالرشيد خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ پروگرامن ۽ انتظامن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو.