فيض حميد خلاف نيون شڪايتون هيڊڪوارٽر تائين پهچي ويون

اسلام آباد (معظم فخر) جنرل فيض حميد جي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل آفيسر اڃا تائين موجود آهن، ۽ اهي عنصر ملڪ جي مجموعي صورتحال تي به اثرانداز ٿي رهيا آهن. جنرل فيض حميد خلاف وڌيڪ الزامن هيٺ به ڪارروائي ٿيندي. پاڪستاني فوج جي هيڊڪوارٽر تائين جنرل فيض حميد بابت ڪجهه نيون شڪايتون پهتيون آهن، جن ۾ مٿس اختيارن جي ناجائز استعمال، زبردستي يا بليڪ ميلنگ ذريعي ڪروڙين رپيا وصول ڪرڻ جا الزام شامل آهن. سياسي شخصيتن جنرل فيض حميد سان گڏ جنرل قمر جاويد باجوا جي ٽرائل جي به گهر ڪئي، خواجا آصف موجب جنرل باجوا، فيض حميد جي هر عمل ۾ شامل رهيو آهي.  تنهن هوندي، ذريعن موجب في الحال جنرل باجوا خلاف نه ڪا جاچ ٿي رهي آهي ۽ نه ئي ڪا ڪارروائي غور هيٺ آهي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي افواهه بي بنياد آهن، ۽ جنرل فيض حميد خلاف فوجي احتساب جو عمل مڪمل طور ثبوتن جي بنياد تي ڪيو ويو، جيڪو رڳو سندس ذاتي عملن تائين محدود هو. هن ڪيس ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي ڳنڍيندڙ ڪو به ثبوت اڃا تائين موجود ناهي. ذريعن اهو به چيو آهي ته احتساب جو دائرو فوج کان ٻاهر به وڌي سگهي ٿو. جج، بيوروڪريٽ، سياستدان ۽ ميڊيا جا ڪجهه ماڻهو، جن ماضي ۾ مبينا طور سياسي انجنيئرنگ ۾ ڪردار ادا ڪيو يا آئيني ۽ قانوني حدون اورانگهيون، اهي به جاچ جي دائري ۾ اچي سگهن ٿا.  ان سلسلي ۾ خواجا آصف سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته جنرل فيض حميد خلاف وڌيڪ الزام به آهن، جن تي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اهو به چيو ته فيض حميد جا حامي ۽ اثر رکندڙ عنصر اڃا تائين ادارن جي اندر موجود آهن، ۽ انهن ذريعي ملڪ جي صورتحال تي اثر وڌو پيو وڃي. خواجا آصف موجب عمران خان ۽ فيض حميد هڪ ٻئي لاءِ لازم و ملزوم هئا، ۽ انهن جو تعلق ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيو. ذميوار ذريعن موجب، 6 کان 7 مهينا اڳ اهڙا ناقابل ترديد ثبوت ملي چڪا هئا، جن جي بنياد تي جنرل فيض حميد جو ٽرائل ڪندڙ جوري عمران خان ۽ سندس ساٿين جي نو مئي جي واقعن ۾ شموليت ثابت ڪري چڪي هئي.  ساڳئي وقت، جسٽس ثاقب نثار ۽ ٻئي جج بابت به اهڙا اطلاع سامهون اچي رهيا آهن ته اهي به ممڪن طور جنرل فيض حميد نيٽ ورڪ جو حصو هئا، ۽ عمران خان کي رليف ڏيڻ لاءِ سهولتڪاري ڪندا رهيا. اي آر واءِ جي ٽاڪ شو ۾ مسلم ليگ ن جي اڳوڻي ايم اين اي جاويد لطيف به انڪشاف ڪيو آهي، جنهن موجب فيض حميد سان گڏ 2 حاضر سروس برگيڊيئرن کي به سزا ڏني وئي آهي.  مجموعي طور ڏٺو وڃي ته جنرل فيض حميد ۽ 2 برگيڊيئرز کي ڏنل سزا کي سڄي نظام جي سڌاري جي شروعات قرار ڏنو پيو وڃي، ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ هن معاملي سان لاڳاپيل وڌيڪ اهم انڪشاف سامهون اچڻ جا امڪان آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 15 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.