گئس شعبي جو 1710 ارب گردشي قرض ختم ڪرڻ لاءِ پيٽروليم ليوي وڌائڻ تي غور

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) حڪومت گئس سيڪٽر جي 1710 ارب رپين جي گردشي قرض کي منهن ڏيڻ لاءِ پيٽروليم ليوي وڌائڻ تي غور ڪري رهي آهي. ذريعن موجب، پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 5 رپيا في ليٽر اضافي پيٽروليم ليوي لاڳو ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، جنهن ذريعي تقريبن 540 ارب رپين جي اوڳاڙين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. حڪومت هن قدم کي گئس جي وڌندڙ گردشي قرض جي حل طور ڏسي رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل فيصلي تحت، گئس سيڪٽر جي مالي خساري جو بار سڌو سنئون عوام تي منتقل ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي. ماهرن موجب، پيٽرول کي مهانگو ڪري گئس جي مسئلن کي حل ڪرڻ هڪ تڪراري حڪمت عملي آهي. ياد رهي ته پي ڊي ايم حڪومت دوران، گئس جي قيمتن ۾ 1200 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي هئي. ان وقت جي وزير محمد علي دعويٰ ڪئي هئي ته گئس سيڪٽر جو سمورو گردشي قرض ختم ڪيو ويندو، جڏهن ته، 1710 ارب رپين جي گردشي قرض جي ٻيهر اڀرڻ حڪومت جي پاليسين تي سوال اٿاريا آهن. عوامي حلقن ۾ خدشا آهن ته نون ٽيڪسن جو اصل بار هڪ ڀيرو ٻيهر صارفين کي برداشت ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.