خوشي جي رات دهشت ۾ تبديل، سڊني ۾ يهودي برادري مٿان حملو، 11 شهري مارجي ويا

سڊني ( م ڊ) آسٽريليا جي شهر سڊني جي سمنڊ تي يهودي برادري جي تقريب دوران دهشت گرد حملي ۾ 11 شهري مارجي ويا، آسٽريليا جي شهر سڊني جي مشهور سمنڊ بونڊي بيچ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 11 شهري مارجي ويا، پرڏيهي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو بونڊي بيچ تي پيش آيو، جتي 2 هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، شروعاتي اطلاعن موجب واقعي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 2 پوليس اهلڪارن سميت 29 ماڻهو زخمي ٿي پيا، آسٽريليا پوليس واقعي کي دهشت گردي قرار ڏيندي ٻڌايو آهي ته مارجي ويلن ۾ هڪ فائرنگ ڪندڙ به شامل آهي، جڏهن ته ٻئي حملي آور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو يهودين جي مذهبي ڏڻ جي تقريب دوران پيش آيو، واقعي کان پوءِ پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ مقامي آبادي کي بونڊي بيچ کان پري رهڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي، ٻئي پاسي آسٽريليا جي وزيراعظم انتھوني البانيز سمنڊ وٽ پيش آيل فائرنگ جي واقعي کي ڏکوئيندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ قرار ڏنو آهي، اسرائيلي صدر آئيزڪ هرزوگ بونڊي بيچ واقعي کي يهودين خلاف انتهائي بي رحماڻو حملو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، اسرائيل جي صدر آئيزڪ هرزوگ بونڊي بيچ تي پيش آيل واقعي کي يهودين خلاف انتهائي وحشي حملو قرار ڏنو آهي، صدر هرزوگ پنهنجي بيان ۾ چيو ته سڊني ۾ موجود اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن کي بدترين دهشت گردي جو نشانو بڻايو ويو، يهودين تي انتهائي بي رحماڻو حملو ڪيو ويو، جيڪي بونڊي بيچ تي مذهبي تقريب ۾ مصروف هئا, بونڊي بيچ تي ڏينهن گذارڻ بعد پنهنجو سامان ويڙهي واپس وڃڻ جي تياري ڪندڙ اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته جڏهن فائرنگ شروع ٿي ته شروعات ۾ هن سمجهو ته اها آتشبازي ڪئي پئي وڃي، مارڪوس ڪارواليو چيو ته منهنجي وهم و گمان ۾ به نه هو ته بونڊي جهڙي محفوظ جاءِ تي اهڙو واقعو پيش اچي سگهي ٿو، جيئن ئي ماڻهن کي حقيقت جو اندازو ٿيو، سڀ ماڻهو ڊوڙڻ لڳا، مان پنهنجي جان بچائڻ لاءِ نارٿ بونڊي ۾ هڪ گاهه واري ٽڪري ڏانهن ڊوڙيس، پوءِ ڪجهه ماڻهن سان گڏ هڪ آئس ڪريم وين جي پٺيان لڪي ويٺس، ايمرجنسي سروسز جي پهچڻ ۽ فائرنگ بند ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن هن گهر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن واقعي واري هنڌ مان گذرندي ڏٺو ته لاش زمين تي وکيريل پيل هئا، وڏي وزير ڪرس منز موجب تقريب مٿان حملو ڪندڙ هڪ دهشت گرد به مارجي ويو، مارجي ويلن جو انگ 12 ٿي ويو، هن چيو ته هي حملو سڊني جي يهودي برادري کي نشانو بڻائڻ لاءِ منصوبابندي سان حملو ڪيو ويو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس بونڊي بيچ فائرنگ واقعي تي شديد افسوس جو اظهار جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو هن وحشي حملي سبب تمام گهڻو خوفزه آهي، انتونيو گوتريس سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ لکيو ته مان اڄ سڊني ۾ هنوڪا جي تقريب دوران يهودي خاندانن تي ٿيل وحشي حملي جي مذمت ڪيان ٿو، هن چيو ته منهنجي دل سڄي دنيا جي يهودي برادري سان گڏ آهي، هنوڪا جو پهريون ڏينهن جيڪو امن، روشني ۽ اونداهين تي روشني جي فتح جي معجزي جو جشن آهي، ٻئي پاسي سڊني سمنڊ ڪناري پيش پيش آيل فائرنگ ۾ يهودي برادري تي حملي دوران هڪ اسرائيلي شهري به مارجي ويو، جنهن بابت اسرائيلي پرڏيهي وزارت جي ذريعن پاران ان جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي، جڏهن ته حملي ۾ برطانوي ڄائو ربي ايلي شلانگر به مارجي ويو، جڏهن ته پاڪستان مخالف ڀارتي پروپئگنڊا وائکي ٿي وئي، آسٽريليا ۾ فائرنگ ڪندڙ افغان شهري نڪتو، ڀارتي ميڊيا طرفان حملي آور کي پاڪستاني قرار ڏيڻ جي خبر ڪوڙي نڪتي، تصديق ٿي وئي ته حملي آور جو تعلق افغانستان سان هو،  ڀارتي ميڊيا جنهن پاڪستاني شهري جي پروفائل جي بنياد تي پروپگنڊا ڪري رهي هئي اهو پاڻ سامهون اچي ويو، شيخ نويد سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته  منهنجو ان حملي سان ڪو به تعلق ناهي، ڀارتي ميڊيا تي ان حوالي سان ڪوڙيون خبرون هلايون پيون وڃن، ذريعن موجب تصديق ٿي وئي آهي ته حملي آور جو تعلق افغانستان سان آهي.

  1. سڊني واقعو، حملي آور کي پڪڙيندڙ احمد ال احمد هيرو بڻجي ويو

سڊني: سڊني بونڊي سمنڊ ڪناري تي ٻن  دهشت گردن پاران فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ حملي آور سوڌو 12 ماڻهو مارجي ويا ۽ تقريبن 30 ماڻهو زخمي ٿي پيا، پوليس موجب اهو واقعو دهشت گردي جو آهي، جتي مارجي ويلن ۾ هڪ حملي آور به شامل آهي ۽ ٻيو گرفتار ٿي ويو، هڪ بهادر شهري 43 سالن جي احمد ال احمد جيڪو سڊني ۾ دڪان تي ميوا وڪڻندڙ ۽ ٻن ٻارن جو والد آهي، هن پنهنجي جان کي خطري ۾ وجهي حملي آور کي پڪڙي ورتو، احمد حملي آور کان هٿيار کسيو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي جان بچائي ورتي، دهشت گرد تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش دوران احمد کي ٻانهن ۾ ٻه گوليون لڳيون، شهري احمد اسپتال ۾ داخل آهي ۽ ان جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، سوشل ميڊيا تي احمد جو بهادري وارو عمل وائرل ٿي ويو ۽ ماڻهن کيس هيرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

  1. آسٽريليا جي مسلمان برادري طرفان واقعي جي شديد مذمت

سڊني: آسٽريليا جي سڊني شهر جي سمنڊ ڪناري فائرنگ واقعي ۾ 11 شهري مارجي ويا، واقعو يهودي مذهبي تقريب دوران پيش آيو، جتي ڪيترائي ماڻهو مذهبي جشن ملهائي رهيا هئا، آسٽريليا جي مسلم ڪميونٽي فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي چيو ته سماج ۾ اهڙا پرتشدد ۽ دهشت وارا عمل برداشت نه ڪيا ويندا، مسلم ڪميونٽي جو چوڻ آهي ته اهڙن واقعن جا ذميوار قانون جي سامهون مڪمل جوابده ٿيڻ گهرجن، پوليس ۽ ايمرجنسي سروسز فوري طور تي واقعو ڪنٽرول ۾ آڻي ماڻهن کي محفوظ ڪيو،  مسلم ڪميونٽي طرفان زور ڏنو ويو ته امن ۽ هم آهنگي کي برقرار رکڻ هر فرد جي ذميواري آهي.

  1. سڊني حملي تي تمام گهڻو ڏک ۾ آهيون:پاڪستان طرفان مذمت

اسلام آباد: پاڪستان سڊني بونڊي سمنڊ ڪناري تي دهشتگرد حملي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان سڊني بونڊي بيچ تي پيش آيل دهشت گرد حملي تي شديد ڏک جو اظهار ڪيو آهي، صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسان هن دهشتگرد حملي تي تمام گهڻو رنج ۾ آهيون، آسٽريليا جي حڪومت ۽ عوام، خاص طور تي زخمين لاءِ اسان جون دعائون گڏ آهن، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دهشت گردي هڪ سراسر ناسور ۽ برائي آهي، انسانيت خلاف ناقابل معافي ڏوهه آهي، پاڪستان روزانو هن جهڙن واقعن کي منهن ڏئي رهيو آهي ان ڪري اسان ان درد کي سمجهن ٿا،  پاڪستان آسٽريليا جي عوام سان گڏ آهي ۽ انهن سان گڏ بيٺل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.