ٿر سنڌ جو واقع هڪ وسيع ريگستاني علائقو آهي، جيڪو اڄ ملڪ جي توانائيءَ جي مستقبل سان ڳنڍجي چڪو آهي، لڳ ڀڳ 21 هزار اسڪوائر ڪلوميٽرن تي پکڙيل ٿر مان 9 هزار اسڪوائر ڪلوميٽرن تي دنيا جي وڏن ڪوئلي جي ذخيرن مان هڪ موجود آهي، صرف ٿر ۾ لڳ ڀڳ 175 ارب ٽن ڪوئلو موجود آهي جيڪو پاڪستان کي ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين توانائيءَ جي شعبي ۾ خودڪفيل بڻائي سگهي ٿو.
ٿرڪول بلاڪ ٽو ۽ بلاڪ ون تي اوپن پِٽ مائيننگ ذريعي ڪوئلي جي کوٽائي ڪئي پئي وڃي، جنهن مان بجلي پيدا ڪري نيشنل گرڊ اسٽيشن ڏانهن منتقل ڪئي پئي وڃي، هي منصوبو فني لحاظ کان ڪامياب قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ ان سان ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ گهٽائڻ، صنعتن کي هٿي ڏيڻ ۽ معيشت کي مضبوط ڪرڻ جي دعوٰي ڪئي وڃي ٿي، پر سوال اھو آھي ته ڇا ٿر مان پيدا ٿيندڙ بجلي، ٿر تائين به پهچي رهي آهي؟ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ تائين ٿر کي مفت بجلي ناھي ملي پر سستي بجلي به فراهم نه ٿي سگهي آهي، جنهن علائقي مان ملڪ جي تقدير بدلائڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي اتي اڃا تائين اونداهه، اڃ ۽ بيمارين جو راڄ برقرار آهي.
وسيلن جي هوندي به بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، ٿر کي هميشه مسئلن جو گهر سڏيو ويو آهي اڄ به ٿر جا لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو ڳوٺ انساني بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي، بجلي، تعليم، صحت جي سهولتن جي اڻهوند، روڊن ۽ توڙي روزگار جا مسئلا موجود آھن، ڄاڻايل سھولتن لاءِ اڄ به ٿري پريشان نظر اچن ٿا، ڪوئلي جي کوٽائي ڪندڙ ڪمپنين کان اها اميد هئي ته هو ڪارپوريٽ سوشل رسپانسبلٽي (CSR) تحت مقامي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنديون پر حقيقت بلڪل ابتڙ آهي، ڪمپنين جو ڪردار، واعدا ۽ عمل ۾ وڏو فرق نظر اچي رھيو آھي ڪمپنيون ملڪي قانون کي لتاڙي پنھنجي مرضي مطابق زبردستي ڪم ڪري متاثرين کي ايذائي رھيون آھن.
ٿرڪول بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ ڪمپني ڪنهن حد تائين اسڪولن، صحت مرڪزن، پاڻيءَ جي منصوبن تي ڪم ڪيو آهي، جيڪو ساراهه جوڳو ڪم آهي، پر اهو ڪافي ناهي، جڏهن ته ٿرڪول بلاڪ ون جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو اوپن پٽ ڪول مائيننگ منصوبو آهي اتي ڪم ڪندڙ ڪمپنين نه مقامي آبادي لاءِ تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪئي، نه صحت، نه صاف پاڻي ۽ نه ئي مستقل روزگار جا ذريعا پيدا ڪيا، اهو رويو سوال پيدا ڪري ٿو ته ڇا ٿر رڳو وسيلن جي کوٽائي لاءِ آهي، ماڻهن لاءِ نه؟ تاريخي ظلم ۽ نظراندازي جا ڪھڙا سبب آھن، ٿر ۽ ٿر جي ماڻهن تي ٿيندڙ تاريخي ظلم ۽ جبر تي مشڪل سان پنج سيڪڙو ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، صدين کان ٿري ماڻهو، ڏڪار، بيمارين، لڏپلاڻ ۽ حڪومتي بي ڌياني سان منهن ڏيندا رهيا آهن، اڄ جڏهن ٿر مان نڪرندڙ ڪارو سون ملڪ کي روشن ڪري رهيو آهي تڏهن به ٿر جا ماڻهو ساڳئي صديون پراڻي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.بنيادي سوال اھو آھي ته ٿر جو ميگا پروجيڪٽ ٿر لاءِ ڇا اھي؟ اڄ ٿر جا ماڻهو هر انسان دوست ۽ علم دوست انسان کان سوال ڪن ٿا ڇا ٿرڪول جا ميگا منصوبا ٿر جي ماڻهن جي زندگي بدلائيندا؟ يا ٿر جا ماڻهو صرف تماشائي بڻيل رهندا؟ ڇا ترقي رڳو انگن اکرن ۽ رپورٽن تائين محدود رهندي؟ يا ان جو اثر ٿري ٻار، عورت، هاري ۽ مزدور جي زندگيءَ ۾ به نظر ايندو؟
ٿر جي حقيقي ترقي لاءِ ضروري آهي ته ٿر کي سستي يا مفت بجلي فراهم ڪئي وڃي، صاف پاڻي جا مستقل منصوبا شروع ڪيا وڃن، هر ڪوئلي منصوبي کي مقامي ماڻهن لاءِ روزگار ڏيڻ جو پابند ڪيو وڃي، تعليم ۽ صحت لاءِ الڳ فنڊ مختص ڪيا وڃن، مقامي ماڻهن کي فيصلن ۾ شريڪ ڪيو وڃي،