پاڻي جي گدلاڻ ۽ اسان جون پاليسيون

تحرير: محمد احسان لغاري

ڊسمبر ۽ جنوري جا مھينا، سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڳرا ثابت ٿيندا رھيا آھن، درياھ  ۾ گھٽ پاڻي، واھن جي بندي، منڇر مان مخصوص مقدار ۾ پاڻي جو درياھ ۾ ڇوڙ، پاڻي بلڪل گھٽ ھوندي به ھر قسم جي گدلاڻ جو مسلسل واھن ۽ درياھ ۾ ڇوڙ، پيئڻ جي پاڻي کي غير انساني ۽ غير حيواني ( جيڪو جانورن لاءِ به نقصان ڪار آهي ) ڪريو ڇڏي۔ ان پوري پس منظر ۾ پاڻ کي جھجھوڙڻ جو وقت آھي۔

پاڪستان ۾ پاڻيءَ جو بحران اڪثر ڪري کوٽ، ورڇ ۽ سياسي تڪرارن جي حوالي سان بيان ڪيو ويندو آهي، پر حقيقت اها آهي ته هن ملڪ جو سڀ کان گهرو ۽ خاموش بحران پاڻيءَ جي گدلاڻ آهي. سنڌ ۾ ته صورتحال اڃا وڌيڪ ڳنڀير آهي، جتي مسئلو صرف پاڻيءَ جي مقدار جو ناهي رهيو، پر ان پاڻيءَ جي معيار جو آهي جيڪو ماڻهو پيئڻ، کاڌي، زراعت ۽ روزاني زندگيءَ لاءِ استعمال ڪن ٿا. گندو، زهريلو ۽ کارو لوڻاٺيل پاڻي آهستي آهستي انساني صحت کي اڏوھي جيان کائي  رهيو آهي ۽ عجب  ڳالهه آھي  ته ان لاءِ نه ئي هنگامي حالتن جو اعلان آھي ۽ نه ئي وري قومي يا صوبائي بحث ٿي رھيو آھي.  ڪجهه اين جي اوز، جاکوڙي ۽ سول سوسائٽي آواز اٿارينديون رھنديون آھن پر اھو ٻڌو اڻ ٻُڌو رھجيو وڃي۔

پاڻيءَ جي گدلاڻ  کي اڪثر نظر ايندڙ ڪني پاڻي جي ڇوڙ ۽ گند سان  سڃاتو ويندو آهي، جهڙوڪ ڪني پاڻي جا ڪاراڻ جھڙا نالا، شگر ملن ۽ ٻين صنعتن جو ڊرينن، واھن ۽ نڪاسي واري سرشتن ۾ ڪرندڙ  گدلو پاڻي پر سڀ کان خطرناڪ گدلاڻ  اها آهي جيڪا کليل اکين سان  نظر نٿي اچي: بيمارين جا ڪارڻ جيوڙا، آرسينڪ/ سينکيو، ڳرا ڌاتو، ڪيميڪل/ ڪيميائي ڌاتو ۽ کاراڻ! اھي بظاھر پاڻيءَ جي ذائقي يا رنگ کي گهڻو نٿا مٽائين ، پر انساني جسم ۾ سالن تائين گڏ ٿي ڪري بيمارين، معذورين ۽ موت جو سبب بڻجن ٿا. ٻھراڙي واري سنڌ خاص ڪري ان جي ور چڙھيل آھي۔ پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي گدلاڻ  هاڻي ڪو فني مسئلو نه رهي آهي، پر اها طرزِ حڪمراني جي ناڪامي يا بي پرواھي بڻجي چڪي آهي. کن پل لاءِ  ته ايئن لڳندو آھي  ته طرز حڪمراني ان موالي جو جواب ھجي جيڪو ھن ڊاڪٽر کي ڏنو ھو ۔ ڊاڪٽر موالي مريض کي چيو ” ڏس جيڪڏھن ايئن نشو ڪندو رھندين  ته آھستي آھستي مري ويندين۔“ جنھن تي موالي چيو ھو  ته ” ڊاڪٽر صاحب اسان کي به تڪڙ ناھي!“  سو ان آھستي ايندڙ خاموش موت تي نه مرڪز کي ڪو فڪر آھي نه ئي صوبي کي ڪا ڳڻتي۔

پاڻيءَ جي گدلاڻ ڪيترن ئي صورتن ۾ ظاهر ٿئي ٿي. حياتياتي، جيڪا انساني ۽ جانورن جي فضلي مان پيدا ٿئي ٿي، اڄ به پاڪستان ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو اھي ايڪولائي ۽ ٻيا جيوڙا آهن. شھرن ۾  پيئڻ جي پاڻيءَ جون لائينون ۽ نيڪال جا نالا اڪثر هڪ ٻئي سان گڏ هلن ٿا، پائپ پراڻا آهن، پاڻي غير مستقل دٻاءَ سان اچي ٿو، ھزارين موٽرن ھلڻ جي ڇڪ تي گدلو پاڻي، پيئڻ وارن پائپن ۾ ھليو ويندو آھي ۽ نتيجي ۾ بيمارين سان ڀريل جيوڙا صاف پاڻيءَ ۾ داخل ٿي وڃن ٿا. انهيءَ ڪري اهڙا پاڻيءَ جا ذريعا، جيڪي سرڪاري طور ”بهتر“ يا ”محفوظ“ قرار ڏنل آهن، عملي طور جيوڙن واري گدلاڻ کان پاڪ ناهن. پر حياتياتي گدلاڻ  سان گڏ ڪيميائي گدلاڻ  هڪ وڌيڪ خاموش ۽ ڊگهي مدي وارو خطرو آهي. سنڌ ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ جر/ زميني پاڻي آرسينڪ / سينکيي سان گدلو ٿيل آهي، جيڪو مٿان جبلن مان وھي جر ۾ شامل ٿئي ٿو۔ جنهن جون سطحون عالمي صحت جي معيارن کان گهڻيون مٿي آهن. هي آلودگي گهڻو ڪري قدرتي جاگرافي ۽ زميني بناوٽ سان جڙيل آهي، پر انساني عمل جهڙوڪ بي تحاشا ٽيوب ويل، آبپاشي ۽ پاڻيءَ جو بي ترتيبي استعمال ان کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي. زرعي دوائن ۽ ڀاڻن جا زھريلو ٽريس پڻ سيمي ذريعي جر جي پاڻي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو۔آرسينڪ سان گڏ لوڻ، فلورائيڊ ۽ نائٽريٽس جهڙا عنصر به پاڻي ۾ شامل ٿين ٿا، جيڪي انساني صحت تي خطرناڪ گڏيل اثر ڇڏين ٿا.

وھندڙ پاڻيءَ جي جسمن ۾، خاص ڪري درياهن ۽ واهن ۾، صنعتي ۽ شهري فضلي/گدلاڻ  سبب ڳرا ڌاتو جهڙوڪ شيھو، ڪئڊميم، ڪروميم ۽ پارو ملي رهيا آهن. اهي ڌاتو صرف پاڻيءَ ۾ نه ٿا ھجن ، پر تري ۾ گڏ ٿين ٿا ۽ مڇين ذريعي خوراڪ جي زنجير/ فوڊ چئين  ۾ داخل ٿين ٿا. ان جو مطلب اهو آهي ته پاڻيءَ جي گدلاڻ هاڻي صرف پيئڻ جو مسئلو ناهي، پر خوراڪ، روزگار ۽ ماحولياتي نظام جو به سوال بڻجي چڪو آهي.

سنڌ: هيٺاهين/ لوئر رپيرين صوبي جو وڌيل ٻوجهھ: سنڌ جي حالت ان ڪري وڌيڪ نازڪ آهي جو اهو سنڌو درياهه جي آخري پنج سؤ ميلن ۾ آھي. مٿي وارن علائقن مان ايندڙ گندو پاڻي، صنعتي فضلو ۽ زرعي ڪيميڪل آخرڪار سنڌ ۾ گڏ ٿين ٿا. درياهه ۾ پاڻيءَ جي گهٽ وهڪري سبب گدلاڻ  وڌيڪ گھاٽي ٿي وڃي ٿي، (جيڪا ڊسمبر کان مارچ تائين خطرناڪ حد تائين وڌي وڃي ٿي)۔ جڏهن ته ڊيلٽا ۾ سامونڊي چاڙھ وڌندو ٿو اچي ، جنهن سان لوڻياٺ وڌي وڃي ٿي  ۽ زميني/ جر جو پاڻي وڌيڪ خراب ٿئي ٿو. سنڌ جي ٻھراڙي ان جر تي ڀاڙي ٿي ، جيڪو هڪ ئي وقت جيوڙن وارو، سئنکيي سان  ۽ کارو ٿيل ھوندو آھي.هي صورتحال ڪنهن هڪ کاتي يا اداري جي غلطي ناهي، پر گڏيل ڪمزوري، گھٽ صلاحيت ۽ بي پرواھي جو نتيجو آهي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي فراهمي، نيڪال، صحت، ماحول ۽ مڪاني حڪومت جا ادارا الڳ الڳ ڪم ڪن ٿا۔ انھن جي وچ ۾ نه رٿابندي جو ربط آھي نه ئي وري انتظام ڪاري جي هم آهنگي. نتيجي طور مسئلو سڀني کي نظر اچي ٿو، پر ذميواري ڪنهن تي چٽي  ناهي.

پاليسيون ۽ پاڻي جي گدلاڻ:  سنڌ جي پاڻي واري پاليسي 2023ع پهريون ڀيرو ان ڳالهه کي سرڪاري سطح تي تسليم ڪري ٿي ته پاڻيءَ جو معيار سنڌ لاءِ هڪ وڏو مسئلو آهي. پاليسي وھندڙ، زميني/جر پاڻي، گندي پاڻي، ڍنڍن، ڊيلٽا ۽ موسمي تبديلي جي خطرن کي گڏيل فريم ورڪ/ گھاڙيٽي ۾ ڏسي ٿي. اها ڳالهه ھڪ اھم اڳڀرائي آهي. پر پاليسي جيستائين عملي قدم نه کڻي، مسئلي کي حل ڪرڻ بجاءِ اينگھائي ٿي. پاليسي پاڻيءَ جي گدلاڻ تي ضابطو آڻڻ جي ڳالهه ته ڪري ٿي، پر اهو چٽو نٿي ڪري ته ڪهڙو ادارو ڪهڙي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ ذميوار هوندو، ڪهڙا معيار لاڳو ٿيندا، ڪير نگراني ڪندو، ۽ قانوني ڀڃڪڙيءَ تي ڪهڙا نتيجا نڪرندا. نتيجي طور پاليسي اصولن جو دستاويز اھي جنھن تي عمل ڪونه ٿيو آھي.

سنڌ موسمي تبديلي / ڪلائميٽ چينج پاليسي واضح ڪري ٿي ته ٻوڏون، سوڪھڙو/ ڏڪار، گرمي پد ۾ واڌ ۽ سامونڊي لهرون ۽ چاڙھ، پاڻيءَ جي نظام کي وڌيڪ غير محفوظ بڻائي رهيا آهن. ٻوڏون بيمارين وارا جيوڙا ۽ ڪيميڪل پکيڙين ٿيون، جڏھن  ته مليريا ۽ ڍينگي کي پڻ ھٿي ڏين ٿيون۔ سوڪھڙو يا پاڻي جي شديد اڻاٺ  گدلاڻ کي  گھاٽو ڪري ٿي ۽ سامونڊي چاڙھ  لوڻياٺ کي وڌائي ٿو. موسمي تبديلي اصل ۾ پاڻيءَ جي گدلي ۽ خراب ٿيڻ  لاءِ ”خطرن کي وڌائيندڙ“ عنصر آهي.پاڻي واري پاليسي جيان موسمي تبديلي واري  پاليسي ۾ پڻ  پاڻيءَ جي معيار بابت ادارتي هم آهنگي ڪمزور آهي. پاڻي، صحت ۽ ماحول کي گڏ ڏسڻ بدران هر کاتو پنهنجي دائري ۾ محدود رهي ٿو. قومي ۽ سنڌ جي سطح تي پيئڻ جي پاڻيءَ جون پاليسيون موجود آهن، پر عملي نتيجا تقريبن نه جھڙا آھن. ڇو جو نه ئي  باقاعده پاڻيءَ جي جاچ ٿئي ٿي، نه ئي وري ماڻهن کي سندن پاڻيءَ جي معيار بابت ڄاڻ ڏني وڃي ٿي۔ ڄاڻ جي باوجود  ۽ گدلاڻ لٽيل پاڻي وارن علائقن ۾ پاڻي جا محفوظ ذريعا  نه ٿا ڏنا وڃن. پاڻيءَ جي ھجڻ يا ڏيڻ کي ڪاميابي سمجهيو وڃي ٿو، ڀلي اهو پاڻي انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار ئي ڇو نه هجي.

پاڻيءَ جي پليدي ۽ غير صحتمند ھئڻ  سنڌ ۾ ڪو نئون مسئلو ناهي، نه ئي اهو ڄاڻ جي کوٽ سبب آهي. مسئلو پاليسي ۽ عمل جي وچ ۾ موجود خال، ڪمزور طرزِ حڪمراني ۽ ادارتي بي ربطگي آهي. سنڌ پاڻي پاليسي، موسمي تبديلي واري پاليسي،  پيئڻ جي پاڻيءَ واري پاليسي ۽ قومي ۽ صوبائي معيار جا سٽرينڊرڊ گڏجي هڪ نئون رستو ٺاهي سگهن ٿا، پر ان لاءِ ضروري  اهو آهي ته پاڻيءَ جي معيار کي واقعي انساني حق، صحت ۽ بقا جو سوال سمجهيو وڃي.اصل سوال اهو ناهي ته پاليسيون موجود آهن يا نه. اصل سوال اهو آهي ته ڇا رياست ۽ صوبي وٽ اها همت، ايمانداري ۽ ادارتي سگهه موجود آهي، جيڪا انهن پاليسين کي صاف پاڻيءَ ۾ بدلائي سگهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.