ٿرپارڪر جو شمار ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ پٺتي پيل ضلعن ۾ ٿئي ٿو۔ ٿرپارڪر هڪ وسيع ريگستان علائقو آهي، جنهن جون سرحدون پاڪستان کان وٺي ڀارت تائين پکڙيل آهن۔ ٿرپارڪر جو هيڊڪوارٽر مِٺي آهي، جيڪو هڪ ننڍڙو شهر آهي ۽ هي ضلعو مِٺي، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ، ڏيپلي، ۽ ڪلوئي جهڙن تعلقن ۽ 60 يونين ڪائونسلن تي ٻڌل آهي۔ ٿرپارڪر جي ڪُل آبادي لڳ ڀڳ 12 لک ٻڌائي وڃي ٿي۔ ٿرپارڪر جو رڳو 8.12 سيڪڙو حصو شهري آباديءَ تي ٻڌل آهي، جڏهن ته باقي آبادي ٻهراڙي ۾ رهي ٿي۔ ٿرپارڪر ۾ خواندگيءَ جي شرح 36.39 سيڪڙو ٻڌائي وڃي ٿي۔ خواندگيءَ بابت انگ اکر ڏسڻ سان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته مردن ۾ خواندگيءَ جي شرح 48.50 سيڪڙو آهي، جڏهن ته عورتن ۾ اها شرح 23.49 سيڪڙو آهي۔ ٿرپارڪر جي رهواسين جو بنيادي پيشو زراعت آهي، يا گهڻن ماڻهن جي گذر سفر جو دارومدار زراعت سان لاڳاپيل ڪم ڪار تي آهي۔
ٿرپارڪر ۾ زراعت لاءِ پاڻيءَ جو دارومدار برساتي پاڻيءَ تي هوندو آهي۔ جڏهن مهينن تائين برسات نٿي ٿئي ته ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي ٿي۔ هزارين ماڻهو زندگي بچائڻ لاءِ ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا۔ آباديءَ جو تمام ٿورو حصو سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون ڪري ٿو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو واپار سان لاڳاپيل آهن۔ هن علائقي جي آباديءَ جو 77.64 سيڪڙو حصو مال مويشي پالڻ ۽ انهن جي واپار جي ڪاروبار سان سلهاڙيل آهي۔ هڪ رپورٽ موجب ٿرپارڪر جي ماڻهن لاءِ اٺ کي وڏي اهميت حاصل آهي۔ اٺ بار کڻڻ ۽ سواريءَ لاءِ سڀ کان بهتر جانور سمجهيو وڃي ٿو۔
هڪ رپورٽ موجب ٿرپارڪر قدرتي وسيلن سان مالامال علائقو آهي۔ هن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي جا 185.175 بلين ٽن ذخيرا موجود آهن۔ ڪجهه سال اڳ چين سان ٿيل سي پيڪ معاهدي تحت چين ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو (هيوي) پاور پلانٽ لڳايو، جنهن ڪيترائي سال اڳ بجلي پيدا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي، پر اها بجلي ٿرپارڪر جي عوام کي فراهم نٿي ڪئي وڃي۔ ان ئي سبب ڪري ٿرپارڪر جا ماڻهو سولر بجلي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن۔ ٿرپارڪر جي هڪ رهواسي، سينيئر صحافي سهيل سانگي لکي ٿو ته ٿرپارڪر جو وڏو حصو 2025ع ۾ به بجليءَ جي نعمت کان محروم آهي۔ گڏيل قومن جي ترقياتي اداري (UNDP) جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ٿرپارڪر جي 87 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، جنهن سبب ٿرپارڪر ضلعي ۾ مائرن ۽ نون ڄاول ٻارن جي فوتگيءَ جي شرح سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي۔
ٿر جي نامياري اديب معصوم ٿري موجب، جيڪڏهن ٿر جي برساتي زمين ۾ موسم مطابق گهربل برساتون ٿين ته هڪ ايڪڙ مان هڪ ٽن تائين پيداوار حاصل ٿي سگهي ٿي، پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان گهربل موسمي برساتون نه ٿيڻ سبب اها سراسري پيداوار گهٽجي 20 کان 30 سيڪڙو تائين رهجي وئي آهي، جڏهن ته في ايڪڙ لاڳت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي۔ هڪ آبادگار کي هڪ ايڪڙ پوک لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک روپيا خرچ ڪرڻا پون ٿا ۽ هڪ خاندان جا 4 کان 5 فرد، 5 کان 6 مهينا ٻي مزدوري ڇڏي پوک سان لاڳاپيل رهن ٿا۔ جيڪڏهن گهربل برساتون نه ٿين ته مجموعي طور تي ٻج ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ لڳايل 4 کان 5 ارب روپيا ضايع ٿي وڃن ٿا، جنهن سبب آبادگار سخت مالي بحران جو شڪار ٿي بي يارو مددگار زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو۔ اهڙي صورتحال هر ٻئي يا ٽئين سال پيدا ٿئي ٿي۔ سرڪاري نوڪرين سان لاڳاپيل ايماندار ملازم به جڏهن پنهنجي پگهار تي گذارو نٿا ڪري سگهن ته اهي به انهن وياج خور ماڻهن سان رابطو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا۔
هي ڪاروبار مِٺي، ڇاڇرو، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ کُلي عام جاري آهي۔ اڳي اهو ڪڌو ڪاروبار مقامي وياج خور ڪندا هئا، پر هاڻي ٿر جي انهن شهرن ۾ افغاني پٺاڻ به اچي ڍيرا ڄمائي ويٺا آهن۔ هاڻي اهو ڪاروبار رڳو سيزنل نه رهيو آهي، پر روزمرهه جو ڌنڌو بڻجي ويو آهي، جنهن جي ڄار ۾ ڦاٿل ٿر جا غريب ۽ ستايل هاري ۽ مزدور هزارين خاندان سسڪي سسڪي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ سندن حياتي عذاب بڻجي وئي آهي۔ ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال، جيڪو هاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان جدوجهد ڪري رهيو آهي، ٻڌائي ٿو ته اهي غيرقانوني وياج خور انتهائي ظالماڻي شرح سان وياج وصول ڪن ٿا۔ مقروض ماڻهن جا سون جا زيور، چيڪ بُڪون، اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ ٻيون ضمانتون پنهنجي قبضي ۾ رکن ٿا ۽ ڪيئي ڪيسن ۾ مڪمل رقم ادا ٿيڻ باوجود به گروي رکيل شيون واپس ڏيڻ کان انڪار ڪن ٿا۔ٿرپارڪر جا چونڊيل نمائندا هميشه پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل رهيا آهن۔ پيپلز پارٽي جي حڪومت تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته انهن غريب ماڻهن کي وياج خورين کان بچائڻ لاءِ اهڙي ڪا جامع اسڪيم متعارف ڪرائي، جنهن تحت عام ماڻهوءَ کي بغير وياج جي قرض ملي سگهي۔