لاهور(بيورو)نون صوبن جي قيام بابت ايم ڪيو ايم پاڪستان به استحڪام پاڪستان پارٽي جي هم آواز بڻجي وئي آهي، جڏهن ته آءِ پي پي پاران ايم ڪيو ايم جي حمايت تي آجيان ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو ويو آهي۔ آءِ پي پي جي ترجمان چيو آهي ته نون صوبن جي قيام لاءِ ساٿ ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم جا ٿورا ادا ڪيون ٿا۔ترجمان جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم نون صوبن بابت استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان جي تجويزن جي حمايت ڪري قومي سوچ جي عڪاسي ڪئي آهي۔ ايم ڪيو ايم پاران 12 نون صوبن جي تجويز ڏيڻ پاڻ کي قومي ڌارَي ۾ شامل ڪرڻ جو ثبوت آهي، جڏهن ته ٻين سياسي جماعتن کي به کليل دل سان هن معاملي تي ساٿ ڏيڻ گهرجي۔ترجمان چيو ته اختيارن جي منصفاڻي ورڇ، مقامي سطح تي مسئلن جو حل ۽ ننڍا انتظامي يونٽ وقت جي اهم ضرورت آهن، ۽ نون صوبن جو قيام ئي ملڪ جي فلاح ۽ بهتري جو اثرائتو حل آهي۔ترجمان وڌيڪ چيو ته نون صوبن جو مطالبو ڪو نئون ناهي، 28 جنوري 2013ع واري رپورٽ تي حرف بحرف عمل ٿيڻ گهرجي، ۽ پنجاب کان سواءِ ٻين صوبن ۾ به نوان انتظامي يونٽ گڊ گورننس کي هٿي ڏئي سگهن ٿا۔آئي پي پي جي ترجمان چيو ته پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جا نالا تبديل ڪيا بغير به اتي نوان صوبا قائم ڪري سگهجن ٿا۔استحڪام پاڪستان پارٽي سڀني سياسي جماعتن کي نون صوبن جي معاملي تي باهمي صلاح مشوري ۽ بامقصد ڳالهه ٻولهه جي دعوت پڻ ڏني آهي۔