نيويارڪ(م ڊ)گڏيل قومن جي هڪ خاص نمائندي خبردار ڪيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي جن حالتن ۾ جيل ۾ رکيو ويو آهي، اهي غير انساني يا توهين آميز سلوڪ جي زمري ۾ اچي سگهن ٿا۔جمعي ڏينهن تشدد بابت اقوامِ متحده جي خصوصي نمائندي ايلس جل ايڊورڊز حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هوءَ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان حراست دوران غير انساني ۽ ناروا سلوڪ بابت ايندڙ رپورٽن تي فوري ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪري۔هن چيو ته مان پاڪستاني اختيارين کان مطالبو ڪيان ٿي ته اهي يقيني بڻائين ته عمران خان جي نظر بندي مڪمل طور تي بين الاقوامي اصولن ۽ معيارن مطابق هجي، ”ياد رهي ته هن سال سيپٽمبر ۾ عمران خان جي قانوني ٽيم اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس گهرواري سان جيل ۾ ٿيندڙ ناروا سلوڪ خلاف گڏيل قومن جي هڪ خصوصي نمائندي سان رابطو ڪيو هو، خاص نمائندي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 26 سيپٽمبر 2023ع تي راولپنڊي جي اڊيالا جيل منتقل ٿيڻ کان پوءِ عمران خان کي مبينا طور تي انتهائي قيدِ تنهائي ۾ رکيو ويو آهي، جتي کيس ڏينهن جا 23 ڪلاڪ سيل اندر رکيو وڃي ٿو، جڏهن ته ٻاهرين دنيا سان سندس رابطي جون سهولتون به تمام محدود آهن۔بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته عمران خان جي سيل جي مبينا طور تي مسلسل ڪيمرائن ذريعي نگراني ڪئي پئي وڃي، عهديدار جو چوڻ آهي ته انساني حقن جي بين الاقوامي قانون تحت ڊگهي يا غير معين مدت واري قيدِ تنهائي تي پابندي آهي۔هن مطالبو ڪيو تهبغير ڪنهن دير جي عمران خان جي قيدِ تنهائي ختم ڪئي وڃي۔”ان حوالي سان حڪومت طرفان ڪو به باضابطه بيان سامهون ناهي آيو۔ البت ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا سرڪاري نمائندا اهو دعويٰ ڪندا رهيا آهن ته عمران خان کي جيل ۾ ٻين قيدين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهولتون حاصل آهن