ڀارتي ڪوسٽ گارڊ پاران 11 پاڪستاني مهاڻن جي گرفتاري خلاف احتجاج

ملير (ڊ ر) ڀارتي ڪوسٽ گارڊ پاران 11 پاڪستاني مهاڻن جي گرفتاري خلاف احتجاج، ڀارتي ڪوسٽ گارڊ پاران 11 پاڪستاني مهاڻن جي گرفتاري خلاف ابراهيم حيدري ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ ماهيگير تنظيم جي اڳواڻ سيد ڪمال شاهه، زاهده ٻوگهاڻي، سلطانا، صغرا سميت گرفتار مهاڻن جا وارث، مهاڻن جا اڳواڻ ۽ علائقي جا رهواسي  وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته پاڪستاني مهاڻا روزگار جي ڳولا ۾ سمنڊ ۾ مڇي مارڻ لاءِ ويا هئا پر ڀارتي ڪوسٽ گارڊ بنا جواز کين گرفتار ڪري ورتو، جيڪو سراسر ناانصافي ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، سيد ڪمال شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني مهاڻن کي بار بار نشانو بڻائڻ قابلِ مذمت عمل آهي، هن حڪومت ۽ انساني حقن جي ادارن کان مطالبو ڪيو ته گرفتار مهاڻن جي فوري آزادي لاءِ سفارتي سطح تي اثرائتا قدم کنيا وڃن، گرفتار مهاڻن جي وارثن روئيندي ٻڌايو ته سندن گهرن جا واحد ڪفيل جيلن ۾ بند آهن جنهن سبب گهرن ۾ فاقن جي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، مظاهرين گڏيل قومن ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن کان پڻ نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته سڀني پاڪستاني مهاڻن کي فوري ۽ بنا شرط آزاد ڪيو وڃي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ مستقل طور حڪمت عملي جوڙي وڃي.

ڀارت پاران گرفتار ڪيل مهاڻن جاٻه ٻارڙا به شامل

ڪراچي( ع آ نيوز) ڀارتي عملدارن سمنڊ مان سنڌ جي 11 ماھي گيرن کي گرفتار ڪيو آهي، جن ۾ ٻه ٻارڙا پڻ شامل آهن. اطلاعن موجب ڀارتي ڪوسٽ گارڊز 10 ڊسمبر تي 11 پاڪستاني ماھي گيرن کي حراست ۾ ورتو ۽ دعويٰ ڪئي ته اهي ڀارتي سامونڊي حدن ۾ داخل ٿيا هئا. ڪراچي  ۾ ماھي گيرن جي فلاحي تنظيم سان جڙيل سماجي ڪارڪن ڪمال شاهه ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي خبر ۽ تصوير ڏسي انھن ٻيڙي جي ناکئي حسين ناکو کي سڃاتو ۽ ان جي تصديق لاءِ جڏهن گبول محلي ۾ ان جي خاندان سان رابطو ڪيو ته انهن ٻڌايو ته ڀارت جي طرفان پڪڙيل ٻيڙي انهن جي خاندان جي آهي. گرفتار ٿيڻ وارن ۾ 52 ساله شفيع محمد ٽنڊيل، 52 ساله ابراهيم، 31 ساله غلام مصطفى، 32 ساله سومر، 15 ساله حبيب، 35 ساله سلطان احمد، 51 ساله سومو، 24 ساله سرفراز، 25 ساله مهتاب، 12 ساله ظهير ۽ 56 ساله حسين شامل آهن۔گرفتار ٿيل 12 ساله ظهير جي والدہ سلطانه ٻڌايو ته جمعي ڏينهن هو ضد ڪري پنهنجي چاچي سان ويو هو، هو ٽئين جماعت ۾ پڙهندو آهي ۽ والد گذار ي چڪو اٿس حادثو ٿيندو۔فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد بي بي سي کي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا ذريعي انهن ان باري ۾ ڄاڻ ملي، جنهن کان پوء اهي لاڳاپيل محڪمن سان رابطو ڪري رهيون آهن۔ انهن چيو ته عالمي قانون مطابق ماھي گيرن کي صرف چيڪنگ کان پوءِ آزاد ڪرڻ گهرجي، پر سرحدي ڇڪتاڻ جي سبب اهي ان جو نشانو بڻجي رهيا آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.