لاهور(م ڊ)سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ملڪ ۽ معيشت کي نقصان پهچايو، ۽ سازش جي تحت نوجوان نسل کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. لاهور ۾ هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ تبديلي جو نعرو لڳائي تباهي آندي، ڪنهن سياسي جماعت پاڪستان جي خلاف آءِ ايم ايف کي خط ناهي لکيو، پر انهن اهو به ڪيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته انهن وٽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، 12 سال ۾ خيبرپختونخوا کي تباهه ڪيو ويو، اتي ڪو به انقلابي منصوبو نه آندو ويو. وفاقي وزير چيو ته نواز شريف ملڪ ۾ خدمت جي سياست جي شروعات ڪئي، ۽ هميشه عوام کي رليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي جماعتن وچ ۾ اختلاف ضرور موجود هئا، پر انهن اختلافن کي ڪڏهن به دشمني ۾ تبديل نه ڪيو ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ دفاعي ادارن تي حملا ڪيا.