اسلام آباد (بيورو) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) ڪروڙين رپين جي مبينه ٽيڪس چوري ۾ ملوث خانگي پريڪٽس ڪندڙ ڊاڪٽرن، ميڊيڪل ڪلينڪس ۽ خانگي اسپتالن خلاف گيهرو سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هي فيصلو ايف بي آر کي ڊيٽا ايناليسز دوران موصول ٿيل تازن انگن اکرن جي بنياد تي ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ ۾ ڊاڪٽرن جي وڏي پيماني تي مبينه ٽيڪس چوري جو انڪشاف ٿيو آهي، انگن اکرن موجب ملڪ ۾ هڪ لک 30 هزار 243 رجسٽرڊ ڊاڪٽر موجود آهن، پر صرف 56 هزار 287 ڊاڪٽرن انڪم ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرايا آهن، جڏهن ته 73 هزار کان وڌيڪ رجسٽرڊ طبي ماهرن انڪم ٽيڪس ريٽرن جمع نه ڪرايا، وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته 2025 ۾ 31 هزار 870 ڊاڪٽرن نجي پريڪٽس مان ٻڙي آمدني ظاهر ڪئي، جڏهن ته 307 ڊاڪٽرن نقصان ڏيکاريو، جيتوڻيڪ وڏن شهرن ۾ انهن جا ڪلينڪ مسلسل ڀريل رهندا آهن. صرف 24 هزار 137 ڊاڪٽرن پنهنجو ڪاروباري آمدني ظاهر ڪئي، جيڪي انڪم ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائن ٿا، هي انڪشاف ڊاڪٽرن جي نجي پريڪٽس جي سرگرمين ۽ ايف بي آر سامهون ڏيکاريل آمدني جي وچ ۾ واضح تضاد کي ظاهر ڪري ٿو.