راولپنڊي (م ڊ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته قومي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ نفرتون ۽ ورڇ چاهيندڙ فرقيوار عنصرن سان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گجرانوالا ۽ سيالڪوٽ گيريزنز جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس فارميشن جي آپريشنل تياري ۽ جنگي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي فيلڊ مارشل فيلڊ ٽريننگ ايڪسرسائز ۽ جديد سميوليٽر ٽريننگ سهولت جو جائزو ورتو، جڏهن ته چيف آف ڊفينس فورسز فارميشن جي اعليٰ پيشيوراڻي معيار ۽ گڏيل تياري جي واکاڻ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير ٽيڪنالاجي سان هم آهنگي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته جديد جنگي ماحول ۾ ڦڙتي، درستگي، اثرائتن حالتن کان آگاهي ۽ وقتائتي فيصلا سازي اڻٽر آهي. دوري دوران چيف آف ڊفينس فورسز اتي موجود آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندن بلند حوصلن ۽ قومي سلامتي لاءِ مضبوط عزم کي ساراهيو. چيف آف ڊفينس فورسز جوانن جي سخت گير مشن تي ٻڌل تربيت جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪ فوج اندروني ۽ ٻاهرين چيلنجن ۽ انتهاپسند نظرين کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، پاڪ فوج قومي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ فرقيوار عنصرن سان مقابلي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. هن سخت ۽ مشن تي ٻڌل تربيت جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪ فوج اندروني ۽ ٻاهرين چيلنجن کي منهن ، دشمن جي هائبرڊ مهمن، انتهاپسند نظرين ۽ قومي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ ورهاست پسند عنصرن جي خلاف مڪمل طور تي تيار آهي. گوجرانوالا پهچڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا استقبال ڪيو.